ملير (رپورٽر) ملير ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو: فائرنگ: هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي، ان ڏس ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ گهگهر جي سالار ڳوٺ ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ عبدالستار بگٽي دم ڏنو، جڏهن ته عظمت الله زخمي ٿي پيو، هوڏانهن  ايس ايچ او علڻ عباسي چيو ته بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو، ڪالهه فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿيو.