ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تي قبضا: 3 معطل ڪامورن خلاف جاچ ڪاميٽي قائم : چارج شيٽ به جاري، ان ڏس ۾ڪجهه ڏينهن اڳ ايم ڊي اي اختيارين پاران مختلف هنڌن تي غيرقانوني اڏاوتن جي اجازت ڏيڻ ۽ اداري جي زمينن تي قبضا ڪرائڻ واري انڪشاف کانپوءِ ايم ڊي اي جي اينٽي انڪروچمينٽ شعبي جي ڊائريڪٽر اسد خان، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ذيشان ۽ اسسٽنٽ انجنيئر خالد اقبال کي هٽائي رپورٽ ڪرائڻ بعد سندن خلاف ڊائريڪٽر فنانس وقار سومرو جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن کي 7 ڏينهن ۾ معاملي جي جاچ مڪمل ڪري ڪامورن خلاف سزائن جون تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ذريعن موجب جاچ ڪاميٽي پاران انڪوائري رپورٽ مڪمل ڪرڻ بجاءِ 3 هٽايل ڪامورن کي ذاتي طور ڪاميٽي اڳيان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٽنهي معطل ڪامورن کي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته انڪوائري ڪاميٽي اڳيان پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ مٿن کاتيوار سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن انڪوائري ڪاميٽي پاران جاري ڪيل چارج شيٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل آفيسرن قبضا ڇڏائڻ سميت ٻين هدايتن تي عمل ڪرڻ بجاءِ سنگين غفلت جو مظاهرو ڪيو، ذريعن موجب اهڙو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ بعد ايم ڊي اي اختيارين پاران اداري جي رهائشي ۽ ڪمرشل ملڪيتن جي هڪ ڀيرو ٻيهر سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪي ڊي اي، ايل ڊي اي۽ ايچ ڊي اي جي زمينن تي به قبضا ٿيل
ڪراچي: ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي، حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي سميت مختلف ترقياتي ادارن جو سمورو رڪارڊ مينوئل هجڻ ڪري سندن زمينن تي به قبضا ٿيل آهن، جڏهن ته ڄاڻايل ادارن ۾ قبضو ڪرائڻ جي الزام هيٺ آفيسرن تي اينٽي ڪرپشن ۽ نيب سميت ٻين ادارن ۾ پڻ انڪوائريون هلندڙ آهن.
|
سرڪار پاران رڳو جاچ ڪاميٽيون ٺاهي معاملن کي ”دٻائڻ “ جو سلسلو هلندڙ
ڪراچي: ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن جي رڪارڊ ۾ جعلسازي جا ڪيترائي معاملا ظاهر ٿي چُڪا، اختيارين پاران رڳو انڪوائري ڪاميٽيون ٺاهڻ جي حد تائين سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي ٿي. ذريعن موجب ته ملير اٿارٽي جي رهائشي اسڪيمن ۾ جعلسازي ڪرڻ جا ڪيترائي اسڪينڊل ظاهر ٿي چُڪا آهن، سرڪار پاران انڪوائري ڪاميٽيون ٺاهي معاملن کي ”دٻايو“ ويندو آهي. ذريعن موجب ايم ڊي اي اختيارين پاران انهي کان اڳ ڪيترائي ڀيرا اهڙيون انڪوائريون ڪرايون ويون آهن، هلندي هلندي انڪوائرين کي فائلن جي حد ۾ رکيو ويندو آهي. جنهن ڪري ڪامورا ڪاررواين کان بچي ويندا آهن.