ملير (رپورٽر ) ”ٽائيم نيوز“ ۽ ”پنهنجي اخبار“ پاران”انتهاپسندي کان آجي سنڌ“ جي عنوان هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جي ڏنل سڏ تي سنڌي نوجوان سنگت پاران سنڌو چوڪ گلشن حديد کان ايڪتا ريلي نڪتي، ريلي ۾ شامل نوجوانن پاران ڪارن، جيپن ۽ موٽر سائيڪلن کي اجرڪ سان سينگاريو ويو هو،  ثقافتي ويس وڳا پاتل سنڌي نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون هنيون، ريلي کي خطاب ڪندي يوسي گلشن حديد جي چيئرمين رائو صفدر، خدا بخش پٺاڻ، آغا طارق پٺاڻ، عرس کيڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي، جتي انتهاپسندي جي ڪابه گنجائش ناهي. هنن چيو ته ”ٽائيم نيوز“ جو سرواڻ علي قاضي جس لهي، جنهن ايڪتا ڏينهن جو سڏ ڏئي سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن کي اجاگر ڪيو آهي، هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ آهي، هن وقت نوجوانن کي پنهنجي ثقافت ۽ تاريخ بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هنن چيو ته پهرين ڊسمبر تي گلشن حديد کان هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ ايڪتا جي مک تقريب ۾ شامل ٿينداسين.