ملير (رپورٽر) ملير انتظاميا جي يوسف عارفاڻي ڳوٺ تي چڙهائي، ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ، ڳوٺاڻن جو احتجاج، ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر  ابراهيم حيدري جي سربراهي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جي اٽالن سان گڏ قديمي يوسف عرفاڻي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري بلڊوزر جي مدد سان  ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، ڳوٺاڻن انتظاميه کي گهر ڊاهڻ کان روڪڻ لاءِ منٿون ڪندا رهيا پر انتظاميا سندن هڪ به نه ٻڌي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن انتظاميه خلاف نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن اقبال عارفاڻي، امير جان بگٽي، لياقت ڪلهوڙو، رب نواز عارفاڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جو ڳوٺ پاڪستان کان اڳ جو آهي، انتظاميه رمضان جي مقدس مهيني ۾ گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو آهي، هن وقت  اسان  کليل آسمان هيٺ اچي ويا آهيون، هنن وڏي وزير سيد مراد شاھ کان مطالبو ڪيو ته اسان جي قديم ڳوٺ خلاف ڪارروايون بند ڪرايون وڃن،