ملير (رپورٽ: ناز شر ) ملير ۾ خانگي اسٽيل ملز ۾ خوفناڪ باهه، 2 پورهيت سڙي فوت ريسڪيو عملي پنجن ڪلاڪن بعد باهه تي ضابطو آندو، واقعو ٽرانسفارمر ڦاٽڻ بعد فرنس آئل کي باهه لڳڻ سبب پيش آيو: ريسڪيو ذريعا. خبر موجب: ان ڏس ۾ پورٽ قاسم ويجهو آغا اسٽيل ملز ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 پورهيت سانگهڙ واسي جميل لغاري ۽ عابد فوت ٿي ويا  جڏهن ته زخمي پورهيت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. خوفناڪ باهه سبب شهر جي مختلف علائقن مان فائر برگيڊ گاڏين کي طلب ڪيو ويو، جن پنجن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو. پورهيتن موجب ٽرانسفارمر ڦاٽڻ بعد فرنس آئل کي باهه لڳي وئي، بعد ۾ بوائلر ڦاٽڻ بعد ٻيو ڌماڪو ٿيو،  ٻئي طرف ريسڪيو 112  جي ڊي جي ڊاڪٽر عابد جلال صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي ۾ 2 پورهيت سڙي فوت ٿيا آهن جڏهن ته هڪ پورهيت زخمي ٿيو آهي، فوتين جا لاش ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،  هاڻ صورتحال   ڪنٽرول هيٺ آهي