اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ مليريا جا ڪيس تيزي سان وڌي ويا آهن، هڪ هفتي دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 38 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ پاران سڄي ملڪ جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آه، جنهن موجب گذريل هفتي ملڪ ۾ هڪ لک 38 هزار 566 مليريا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته گذريل هفتي هيضي جهڙين بيمارين جا 2 لک 1822 ڪيس، ٽائيفائڊ جا 8835 ڪيس رپورٽ ٿيا. ڪتي چڪڻ جا 1014 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 701 ڪيس سنڌ مان رپورٽ ٿيا. ذريعن موجب ننڍي ڄمار جي ٻارن ۾ 17890 اي ايل آر آءِ جا ڪيس رپورٽ ٿيا، اي ايل آر آءِ ٻارن ۾ ساهه جي نالين ۾ سوڄ جو مرض آهي، گذريل هفتي ملڪ ۾ 447 ارڙي جا ڪيس، 313 چڪن پاڪس ڪيس رپورٽ ٿيا. ڪاري کنگه جا 176، ڪانگو وائرس جا 8 ڪيس رپورٽ ٿيا. گردن ٽوڙ بخار جا 8 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.