ملير/لاڙڪاڻوميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ فلسطينين سان ٿيندڙ ظلم جي آڙ ۾ ملٽي نيشنل ڪمپني جي فوڊچين تي حملا ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، پوليس ڪيس داخل ڪري ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪري ورتا. لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي مڇريل ماڻهن مشهور ڪي ايف سي جي فرنچائيز تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه جي ڪوشش ڪندي پٿراءُ ڪيو جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار وقار جلباڻي زخمي ٿي پيو. مڇريل ماڻهو فرار ٿي ويا. پوليس تفصيل ورتا ۽ سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي. پوليس حملي ۾ ملوث 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ميرپورخاص ۾ گذريل رات فلسطين جي حق ۾ ريلي ڪڍي بعد ۾ حيدرآباد روڊ تي موجود انٽرنيشنل فوڊ چين جي ھڪ فرنچائز کي باهه ڏئي ساڙڻ، ڦرلٽ ، پوليس مٿان فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪرڻ ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن زبير پٺاڻ، شارخ، حمزا، اُساما، محمد الياس، شھر يار، رئيس قريشي، ثاقب، محمد امجد، آصف علي، عبدالسلام، ارباز سانڀري، دلشاد شيخ ۽ شاھزيب کي ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان عدالت سڳوري کين 7 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. وڳوڙي ڪاررواين واري واقعي بابت ٽائون ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت داخل ڪيل ڪيس ۾ 30 ڄاتل ۽ 170 اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جن مان پوليس 14 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. باقي سڃاتل جوابدارن ۾ نجيب الله خاصخيلي، حافظ ذڪريا، ياسر، طلحه، احسن علي، محمد مسعود عباس، مُلان لطيف، سھيل، احمد لاشاري، سيف اللھ، مانو، نقاش، اسد پٺاڻ، ولي خان پٺاڻ، محمد عمر، سيف علي اڃا گرفتار ناھن ٿي سگھيا. جڏهن ته ملير ڪينٽ ويجهو سپرهاءِ وي تي شيل پمپ ويجهو ڪي ايف سي ۾ مڇريل ماڻهن ڀڃ ڊاهه ۽ سپرهاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس مڇريل مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪندي 9 مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو. ڊفينس جي خيابان اتحاد ۾ واقع هڪ خانگي ريسٽورنٽ تي مڇريل ماڻهن طرفان حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هنگامي، ملڪيت کي نقصان پهچائڻ سميت ٻين قلمن هيٺ داخل ڪيس ۾ 30 کان 35 نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو.