ملير (رپورٽ: نازشر) ڪراچي جي  وڌيڪ 3 ٽائون ميونسپل ڪاپوريشنن جي بجيٽ پيش ، ان ڏس ۾  ملير ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي مالي سال 2025-2024 جي 2 ارب 48 ڪروڙ، 45 لک 47 هزار 407 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، ٽائون چيئرمين جان محمد بلوچ چيو ته اسان جي بجيٽ  42 هزار 873 رپين جي بچت واري آهي، او زيڊ ٽي شيئر سميت جملي آمدني هڪ ارب 56 ڪروڙ 13 لک 8 هزار رپيا ڏيکاري آهي، جڏهن ته پراپرٽي رڪوري ٽيڪس جا 4 ڪروڙ ۽ ٻين ٽيڪسن جي مد ۾ ساڍا 3 ڪروڙ رپيا ملندا، ملازمن جي پگهارن، پينشن سميت ٻين خرچن لاءِ هڪ ارب 46 ڪروڙ 94 لک 52 هزار 534 رپيا رکيا آهن،جڏهن ته رهتن جي ادائيگي لاءِ 16 ڪروڙ 23 لک روپيا مختص ڪيا آهن، رپيئرنگ ، مينٽينس سميت ترقياتي ڪمن لاءِ 66 ڪروڙ 46 لک 3 هزار رپيا رکيا آهن، ٻئي طرف ابراهيم حيدري ٽائون جي 3 ارب 55 ڪروڙ 36 لک 89 هزار 942 رپين جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي، ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو چيو ته آمدني جو ڪاٿو 3 ارب 55 ڪروڙ 33 لک 45 هزار روپيا لڳايو  آهي، جڏهن ته پگهارن ۽ پينشن لاءَ هڪ ارب 63 ڪروڙ 20 لک ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ارب 11 ڪروڙ 48 لک روپيا رکيا ويا آهن، هيل 3 لک 44 هزار 942 رپين جي بچت هوندي، هن  چيو ته صحت لاءِ 4 ڪروڙ 45 لک 20 هزار ، سوشل ويلفيئر لاءِ 3 ڪروڙ 65 لک 20 هزار رپيا، راندين ۽ ثفافتي سرگرمين لاءِ 2 ڪروڙ 20 لک 20 هزار ٽائون جي تعليمي ادارن لاءِ 1 ڪروڙ 43 لک 20 هزار روپيا، لائبريري شعبي لاءِ 65 لک 20 هزار روپيا رکيا ويا آهن، هن چيو ته مال پڙي، ڀينس ڪالوني ۽ جانورن جي منڊي ۾ مال جي وبائي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 5 ڪروڙ 32 لک 20 هزار رپيا رکيا آهن، هن چيو ته واٽر سپلاءِ لاءِ 2 ڪروڙ ، روڊ رستن لاءِ 5 ڪروڙ،سيوريج لاءِ 5 ڪروڙ، بلڊنگن جي تعمير لاءِ 3 ڪروڙ 20 لک ، اسٽريٽ لائيٽس لاءِ 9 ڪروڙ 80 لک روپيا، فلاحي ڪمن لاءِ هڪ ڪروڙ، پارڪن لاءِ 2 ڪروڙ روپيا، جاري ترقياتي ڪمن ۽ رهتن لاءِ 19 ڪروڙ مخصوص ڪيا ويا آهن،هوڏانهن  منگهوپير ٽائون جي 2 ارب 18 ڪروڙ، 18 لک 22 هزار 7 رپين جي بجيٽ پيش ٿي. ٽائون  چيئرمين حاجي نواز علي بروهي چيو ته 2 ارب 18 ڪروڙ، 18 لک 22 هزار 7 رپين جي بجيٽ مان 80 سيڪڙو غير ترقياتي ۽ رڳو 20 سيڪڙو ترقياتي ڪمن تي خرچ ٿيندا،  پگهارن جي مد ۾ هڪ ارب 98 لک 34 هزار 675 ، ٻين خرچن جي مد ۾ 26 ڪروڙ 84 لک 25 هزار، ضروري مرمت ۾ 20 ڪروڙ 60 لک ، ترقياتي ڪمن لاءِ 65 ڪروڙ 25 لک ، مشنري ۽ گاڏين جي مينٽيننس لاءِ ساڍا 4 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن،