ممبئي (شوبزنيوز) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ هوٽل پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي مان مشهور مليالم اداڪار ونود ٿامس جو لاش هٿ آيو آهي. ڀارتي پوليس ٻڌايو ته ونود ٿامس جو لاش هڪ هوٽل جي پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي مان مليو آهي، اداڪار جي عمر 45 سال هئي. اداڪار جي مشهور فلمن ۾ ”هيپي ويڊنگ“، ”جون“ ۽ ”اياپنم ڪوشيم“ سميت ٻيون فلمون شامل آهن. ٻئي طرف بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ڌوم جو ڊائريڪٽر سنجي گڌوي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. هو لوکنڊوالا ۾ گهر ۾ موجود هو جو کيس دل جو دورو پيو.