ملهار جي مند ۽ زندگي جا ميلا

0
57
 قضيو  ڪربلا جو ۽  آليون اکيون

 هن وقت سانوڻ جي مند  هلي رهي آھي، سانوڻ جي موسم تي شاهه لطيف کان ويندي سنڌ، ھند، توڙي دنيا جي شاعرن خوب لکيو آھي، سانوڻ رت کي خوشي ۽ ميلاپ جي موسم سڏيو ويو آھي، هي موسم سک سلامتي۽ سونهن جي علامت آھي.

اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪارا ڪڪرڪيس

وڄون وسڻ آيون، ڪري لعل لبيس

پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا.

سچل سرمست سارنگ کي هيئن لکيو آھي.

نازڪ سندو نينهن، آھي ايئن جيڏيون

پنهنجي رائي ريج ڪري، جيئن سانوڻ مينهن

راز رکي ٿو ريهن، من ۾ محبوبي جو

 سانوڻ برساتن جو مهينو هوندو آھي، ساوڻ  سنسڪرت جو لفظ آھي، شروڻ/ سانوڻ، ڍاٽڪي ٻولي ۾ سانوڻ کي سرامڻ به چوندا آھن، سنڌي ۾ سانوڻ کي سارنگ به سڏيندا آھن، جنهن جي معنيٰ آھي ميگهه جهڙالو، ملهار. علم نجوم موجب هن موسم تي آشيلشا، مگها ۽ ٻين نکٽن جا اثر رهندا آھن،هن مند جا ڪجھه لوڪ گيت به آھن، جيڪي ٿر واري علائقي ۾ اڃان تائين ڳايا ويندا آھن،انهن لوڪ گيتن ۾ لمڪيان ڙي، سانوڻ ٽيج، همرچو،هو جمالو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

لمڪيان لفظ لمڪڻ مان نڪتل آھي، جنهن جي معنيٰ آھي، لوڏ ۽ چيلھه جي خوبصورت لچڪي سان هلڻ،  هي لوڪ گيت عورت جي نرت ۽ ڪلا جي انداز کي عيان ڪري ٿو.  هي لوڪ گيت لمڪيان ڙي، سهيليون ۽ سرتيون ڏٿ چونڊڻ دوران ڪورس جي انداز ۾ ڳائينديون آھن.

 لمڪيان ڙي لو

آءَ اتر هير سان، لمڪيان ڙي لو

کنڀ کنياتا ڪرن لمڪيان ڙي لو

پٽ تتر پار جا

 اتر کان اچن، لمڪيان ڙي لو(اياز)

سانوڻ ٽيج وسڪاري جي سانڀاهي دوران ڳائبو آھي، سانوڻ مهيني جون ٽيجون ڏهاڙي طور ملهايون وينديون آھن، هڪ سهائي پک واري ٽيج، ٻي اونداهي پک واري ٽيج، انهن ڏينهن تي ننڍيون ڇوڪريون۽ ڪنواريون ٽيج جو ورت رکن،انهي درميان ماني ڪونه کائين، پر کيريئڙا،ڏونگهيون ۽ ميوات کائين، وڻن ۾ پينگهه ٻڌي لڏن ۽ ترائين تي سانوڻ ٽيج جا گيت ڳائين،اياز جي گيت سانوڻ ٽيج ۾ عورت جي اندر جي سرهائي ،آتر ويلا ۽ انتظار جي مختلف ڪيفيتن جو عڪس ملي ٿو.

آئي سانوڻ ٽيج ڙي

گج سوين تارڙا،واجهه وجهي وڄ ڙي،

ڇوري نه ڇڄ ڙي، آئي سانوڻ ٽيج ڙي،

سانوڻ ٽيج جي گيتن  جي عنوان ۾ نيون پرڻيل ڪنواريون ماءَ ڏانهن سس جي ظلم جي شڪايت جا نياپا ٿيون موڪلين، امان هڪ جيڏيون خوش پيون گذارين آئون جنڊ پيهڻ ۾ مصروف آھيان، ٻيون ڇوڪريون سٺا طعام ٿيون کائين، آئون  ٻاجهري جا سڪل ڍوڍا لوڻ ۽ بصر سان ٿي کاوان، امان ڀاءَ موڪل ته مون کي هتان وٺي وڃي، مون کي ديس ڏاڍو ياد ٿو پوي،هڪ جيڏين کي نوان ڪپڙا پاتل آھن، منهنجا ڪپڙا ليرون ليرون آھن، ھمرچو لوڪ گيت به ڏاڍو پر ڪشش ھوندو آھي.

همرچو لفظ جي معني همراهه اچو ،ٻڌائي وڃي ٿي، جڏھن ته ان جو اشتقاق ٿيندو(هم =اسان ،سڀ: رچو، جنبجي، ملي/ وڃو) يعني اچو ته اسان سڀ ڪم۾ ملي جنبي وڃون.

روڪيو ميڙيو لا، الا همرچو لا

ڏور رهيو اسان جو ڏيسيڙو لا، الا همرچو لا

جڏھن ته هو جمالو ساري سنڌ ۾ ھڪجهڙو ئي مشھور آھي،لوڪ گيتن جي وڏي خصوصيت اها آھي ته اهي زندگي جي حقيقي تصوير پيش ڪن ٿا ان ۾انساني اوائلي زندگي جي اوسر جا عڪس ۽ محبت جا اولڙا ملن ٿا،گڏوگڏ تمدن ۽ ثقافتي ڪارگذارين جو ڪارائتو ۽ املھه رڪارڊ پڻ ھجي ٿو. مون ٿر ياترا دوران ٿر جي ماڻھن کي همرچو ڳائيندي ٻڌو هو،جڏھن کيٽن ۾ انهن گڏجي ڪم ٿي ڪيو. مون ٿر جي مختلف علائقن۾ رهڻ دوران ٻين راڳن سان گڏ ملهار راڳ ڳائيندي دل سان ٻڌو آھي، ملهار اڪثر برساتي موسم ۾ ڳائبو آھي، جڏھن ٿر وڃڻ ٿيندوهو ته ڪاسبو ڳوٺ ويجهو مندر ٻاهران وڻن جي ڇانو ۾ هڪ نابين فنڪار هر ويلي ملهاري پيو ڳائيندو هو،ان جي آواز۾ اهڙو ته جادو هوندو هوجو سياح کيس پئسا سندس جهولي ۾ اڇلي سندس تصويرون ڇڪي هليا ويندا هئا. اهو نابين فنڪار هاڻي حياتي آھي الائي نه ليڪن سندس آواز ڊگهن نم جي وڻن ۾ اڃان  پڙاڏو بنجي پيو گونجندو هوندو. هڪ دفعي نابين فنڪار ٻڌايو هو ته راڳ ستن سرن مان ٺھيوآھي،  کرج، رڪب، گنڌار، مدم، پنچم، ڌيوت ۽ نکاد. سرن جي لحاظ کان ڏھه ٺاٺ آھن، ڪلياڻ ، بلاول ، ڪماچ، آساوري، ڀيرو، ڀيروي، ٽوڙي، ٻوري، ماروا ۽ڪافي. هر ٺاٺ ۾ ڪيتريون ئي راڳڻيون آھن جيڪي مختلف وقتن تي ۽ مختلف مندن ۾ ڳائجن ٿيون.

  گوين جو چوڻ آھي ته ملهار ڳائڻ وقت مينهن وسي پوندو آھي، مون ڪٿي پڙھيو هو ته يوناني ڏند ڪٿا موجب سنگيت شاعري جي ديوي آھي،موسيقي جا ٻه پاسا آھن هڪ طبعي ٻيو ثقافتي، موسيقي ٻن جزن جو ميلاپ آھي، هڪآواز، ٻيو تال. ڌرمي ماڻھن جو خيال آھي ته راڳ ديوتائن کان مليو آھي،جنهن ڪري ابتدا ۾ ڌرمي راڳ ديوتائن کي راضي ڪرڻ لاءِ ۽ مڪتي پائڻ ۽ ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ مندرن ۾ ڳاتو ويو. ڪجهه ماڻھن جوخيال آھي ته راڳ کي مهاديو شو جي راڻي پار وتي ايجاد ڪيو. آئون ماضي جي اتهاس مان ڀٽڪي پٺتي موٽان ٿوته مون کي تنبي نالي هڪ ڳوٺائي/ اصل نالو الائي ڇا هوس ياد آيو جيڪوسارو ڏينهن ڳئون چاريندي اڪثر پيو ڳائيندو هو.هن کي جواني ۾ ئي ٽي بي جهڙي بيماري لڳي ويئي،ان کان اڳ هن کي گنج جي بيماري هن جي مٿي جا وار ختم ڪري ڇڏيا هئا، جنهن ڪري هو سدائين ٽوال مٿي تي ٻڌي پيو هلندو هو. هو صبح يا شام ڌاري جڏھن مالي ڪاهي اسان جي ڳوٺ وٽان لنگهندو هو ته ڳوٺ جا ڇورا ڊوڙ پائي سندس مٿي تان ٽوال لاهي کڻي ڀڄندا هئا، هوٽوال وٺڻ لاءِ ڊوڙون پائيندو هو ۽ ڇوڪرن کي ٽوال واپس ڪرڻ لاءِ هٿ ٻڌندو هو،سندس ننڍو ڀاءُ ڪدو ان کي  به اهي ٻئي ساڳيون بيماريون لڳيون، جنهن ڪري ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي پٺيان ڪنوارا ئي هليا ويا. ھو زنده هئا ته برسات جي موسم ۾ مال ڪاهي ڦٽل درياءَ گونگڙي جي ڪنڌي کان وڏي ڀٽ تي رات ٽاڻي ٻڌندا هئا، اڌ رات تائين اتي پيا بنا سازن تي ڳائيندا هئا.

هلي آ ھيل وسڪارن ۾

وري ميلاٿيندا ٿيندا الائي نه

مون کي هڪ ٻيو شوقيا راڳيندڙ ستار شاهه به ياد پيو اچي، هن جي اوطاق تي باجو رکيل هوندو هو، جڏھن وٽس ڪو مهمان ويندو هو ته ان کي ماني کارائي راڳ ٻڌائيندو هو، راڳ جي شروعات شروعات ساري گي ما، پاگاما،ني پا سا،سان شروعات ڪندو هو. هن پنجونجهاهه سالن جي عمر ۾ ٻي شادي ڪئي، پر بد قسمتي سان شادي واري رات ئي پاڻ بيمار ٿي پيو ۽ مهيني ڏيڍ اندر ئي گذاري ويو، سندس ڳائڻ جا سمورا ساز اوطاق جي ڪنڊ ۾ ايئن ئي رهجي ويا.

هاڻي جڏھن وسڪارن جي موسم  ٻيهر موٽ کاڌي آھي ته اهي اڳوڻا ساز ۽ آواز ته ڪونه رهيا آھن،پر نوان ساز ۽ آواز پراڻن لوڪ گيتن ۽ راڳڻين سان زندگي ۾ ٻيهر جوت جرڪائي ٿا ڇڏين ۽ هن مشڪل دور ۾ به دل وڌيڪ جيئڻ چاهيندي آھي.