ملتان (اسپورٽس نيوز) ملتان ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستاني اسپنرز ويسٽ انڊين بيٽنگ لائن کي تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ مهمان ٽيم رڳو 137 رنز تي ڍير ٿي وئي، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ قومي ٽيم 3 وڪيٽن جي نقصان تي 109 رنسون ٺاهي 202 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. ملتان ۾ جاري ميچ ۾ ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 230 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ ويسٽ انڊيز کي 137 رنز تي آئوٽ ڪري 93 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي. ٻي اننگز ۾ قومي ٽيم طرفان ڊيبيو ڪندڙ محمد حريره 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان بابراعظم هڪ دفعو ٻيهر ناڪام رهيو، هو رڳو 5 رنسون ٺاهي سگهيو. ڪپتان شان مسعود ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ففٽي اسڪور ڪئي، پر هو 52 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، ڏينهن جي پڄاڻي تي ڪامران غلام 9 ۽ سعود شڪيل 2 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن. پاڪستاني اسپنرز تباهه ڪندڙ بالنگ ڪندي ويسٽ انڊين بيٽرن کي واپسي جو موقعو ئي نه ڏنو، مهمان ٽيم جي بيٽرز جي اچ وڃ جو سلسلو جاري رهيو ۽ پوري ٽيم 137 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ لائن شروع کان ئي مشڪلاتن جو شڪار رهي 4 رانديگر 22 رنز تي پويلين موٽي ويا، ويسٽ انڊيز طرفان جوميل وريڪن 31، جيدن سيلز 22، گداڪيش موتي 19، ڪيون سنڪليئر ۽ ڪريگ بريٿوائٽ 11، 11 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، چارئي بيٽرز ساجد خان جو شڪار بڻيا. ان کان پوءِ نُعمان علي آيو ۽ پنج وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته آخري وڪيٽ ابرار احمد جي نالي تي رهي. ان کان اڳ پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 230 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي پاڪستان جي طرفان سعود شڪيل 84 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن جيڊن سيلز ۽ جوميل 3، 3 رانديگر آئوٽ ڪيا.