ملتان (م ڊ) ملتان جي نشتر اسپتال جي ڇت تان پنج سئو لاش هٿ اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب نشتر اسپتال جي ڇت تي ٺهيل ڪمري ۾ سوين ڳريل لاش هٿ آيا آهن. پنجاب حڪومت جاچ ڪاميٽي قائم ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. مرده خاني جا فريزر سالن کان خراب هجڻ ڪري لاوارث مڙهه ڇت تي رکڻ جا اطلاع آهن. مليل اطلاعن موجب ڏکڻ پنجاب جي سڀ کان وڏي اسپتال ملتان جي نشتر اسپتال جي ڇت تان سوين انسانن جي لاشن جا عضوه هٿ آيا آهن تعداد بابت حڪومت يا اسپتال انتظاميا ڪجهه نه ٻڌايو آهي پر اطلاع آهن ته لاشن جو تعداد 500 کان به وڌيڪ آهي. ان سلسلي ۾ اسپتال جي ملازمن نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته مرده خاني ۾ گنجائش نه رهڻ تي لاش هونئن ئي خراب ٿي ويندا آهن جنهن بعد انهن کي ميڊيڪل جي شاگردن جي تجربن لاءِ اماڻيو ويندو آهي ۽ انهن جي تجربن بعد انهن کي ائين ئي اڇلايو ويندو آهي ۽ اهي لاش لاوارث پيل هوندا آهن. پهرين ڇت تان ڪجهه لاش مليا جنهن بعد ڪمري مان ڪيترائي مڙهه مليا. اهڙين خبرن بعد پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي اسپتال جي ڇت تي لاوارث لاش رکڻ جو نوٽيس وٺندي صوبائي سيڪريٽري اسپيشلائزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته لاش ڇت تي اڇلائي غير انساني عمل ڪيو ويو آهي ۽ ذميوار عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ڏکڻ پنجاب جي سيڪريٽري هليٿ معاملي جي جاچ لاءِ ڇهه رڪني ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪاميٽي ٽن ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ صحت واري سيڪيريٽري کي پيش ڪندي. نشتر ميڊيڪل ڪاليج جي وائس چانسلر به ٽي رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي، ڪميٽي سموري معلومات سان گڏ پنهنجي رپورٽ وائس چانسلر کي پيش ڪندي. ٻئي پاسي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب نشتر اسپتال ۾ جي مرده خاني جا فريزر ڪيترن ئي ورهين کان خراب آهن ۽ پنج مان رڳو هڪ فريزر ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري اتي ست کان اٺ مڙهه رکي سگهجن ٿا. ان مرده خاني ۾ چاليهه مڙهه رکڻ جي جڳهه آهي پر لاوارث لاشن جو انگ گهڻو آهي. ميڊيا موجب پنجاب حڪومت جي ڪاميٽي ابتدائي رپورٽ تيار ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي اڻ ڄاتل ماڻهن جا لاش هئا جيڪي مقامي پوليس ميڊيڪل جي شاگردن کي تعليمي مقصدن لاءِ نشتر ميڊيڪل يونيورسٽي جي حوالي ڪيا هئا.