ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستان پهرين اننگ ۾ 556 رنسن تي آئوٽ، انگلينڊ 96 رنسون ٺاهي ورتيون

0
55
ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستان پهرين اننگ ۾ 556 رنسن تي آئوٽ، انگلينڊ 96 رنسون ٺاهي ورتيون
ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستان پهرين اننگ ۾ 556 رنسن تي آئوٽ، انگلينڊ 96 رنسون ٺاهي ورتيون

ملتان (اسپورٽس نيوز) ملتان ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ پاڪستاني بيٽر ڪامياب، 3 ڄڻن عبدلله شفيق، شان مسعود ۽ سلمان آغا جون سينچريون، قومي ٽيم 556 رنسن تي آئوٽ، انگلينڊ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 96 رنسون ٺاهي ورتيون

ان سلسلي ۾ ميچ جي ٻئي ڏينهن سعود شڪيل ۽ نسيم شاهه راند جي شروعات ڪئي ته ٽيم جي 388 اسڪور تي نسيم شاهه 33 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. محمد رضوان کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو

سعود شڪيل 177 بالن تي 82 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، عامر جمال ست ۽ شاهين آفريدي 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، پاڪستان جي آخري آئوٽ ٿيندڙ بيٽر ابرار احمد هو جنهن 3 رنسون ٺاهيون. ان دوران آل رائوندڙ سلمان آغا 104 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي 15 هين ٽيسٽ جي 28 هين اننگز ۾ هڪ هزار رنسون مڪمل ڪيون

انگلش ٽيم پاڪستان خلاف شروعات مايوس ڪندڙ رهي، ڪپتان اولي پوپ کاتو کولڻ بنا نسيم شاهه جو پهريون شڪار بڻيو. پهرين وڪيٽ تڪڙي ڪري پئي، ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين اوپنر زيڪ ڪرائولي 64 ۽ سينيئر بيٽر جو روٽ 33 ڪريز تي موجود رهيا، انگلينڊ کي پهرين اننگز ۾ 460 رنسن جو خسارو رهجي ويو