لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپرليگ جي ٽيم ملتان سلطان جي اسپن بالنگ ڪوچ اليڪس هارٽلي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٽيم اڃا به پلي آف لاءِڪواليفاءِ ڪري سگهي ٿي. ٽريننگ سيشن دوران هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملتان سان هي منهنجي ٻي سيزن آهي، ٿورو دٻاءُ ۾ آهيون فتحون گهٽ مليون آهن، گذريل سيزن ۾ وڌيڪ ميچون کٽيون هيون. پر هن سال اڃا به ڪواليفاءِ ڪري سگهون ٿا. سڀ پازيٽو آهيون سڀ مسڪرائي رهيا آهيون، عورت هوندي مردن جي ڪوچنگ ڪندي ڪو مسئلو نه پيو ٿئي هر ڪو کلي ڳالهائيندو آهي هڪ ٻئي جي عزت ڪندا آهيون. ڪوچنگ اڃا به سکان پئي. هن چيو ته اساما مير کي پاڪستان جي ٽيم ۾ هجڻ گهرجي هن گذريل سال گهڻيون وڪيٽون ورتيون هيون. کيس تسلسل سان بالنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي.