غزه/تل ابيب (م ڊ) غزه ۾ حملا روڪيندي اسرائيل والاريل اولهندي ڪناري ۾ آپريشن شروع ڪري ڏنو، جنين شهر ۾ اسرائيلي فائرنگ سان 8 فلسطيني شهيد ۽ 35 زخمي ٿي پيا، ان کان علاوه ملڪيتن تي به حملا ڪيا ويا. هڪ شخص مارجي ويو. فلسطيني هلال احمر جو چوڻ آهي ته زخمين کي طبي امداد ڏني جڏهن ته اسرائيلي فورسز آپريشن جي علائقن تائين پهچ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن. گورنر جينن ڪمال ابو الرب اسرائيلي فورسز جي ڪارروائي کي پناهگير ڪيمپ تي حملو قرار ڏنو. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته جنين کي عسڪريت پسندن جي نئين آماجگاهه بڻجڻ نه ڏينداسين. هڪ اسرائيلي وزير هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي چيو ته جنين آپريشن انتهائي شديد هوندو. پنهنجي بيان ۾ هن جو چوڻ هو ته هي آپريشن والاريل اولهندي ڪناري ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. هوڏانهن غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملبي ۾ دٻيل 72 لاش مليا آهن جيڪي اسپتال نيا ويا.