ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار لڳ گدرن جي فارم تي ھڪ جريب ۾ ٺاھيل ڪکن ڪانن جي شيلٽر جهڙي ڇني کي باھ لڳي وئي، جنهن سبب گدرن سان ڀريل ٽرڪ سميت 50 پورھيتن جي ھنڌ بسترن ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان سڙي رک ٿي ويو. نائون ميل اسٽاپ ڀرسان مير ڪاظم علي ٽالپر ۽ مير ذيشان علي ٽالپر جي زرعي زمين تي ٺيڪيدار نعيم آرائين پاران قائم ڪيل فارم ۾ پنجاھ کان وڌيڪ پورھيتن جي رھائش لاءِ جوڙيل ڇپرن کي تيز ھوا دوران ڪنھن چڻنگ مان اوچتو باھ لڳي وئي. باهه ڏسندي ڏسندي سڄو ڇنو ساڙي رک ڪري ڇڏيو. پورھيت رڳو ساھ بچائي ٻاھر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ٺيڪيدار نعيم آرائين موجب اسان جي گدرن جي فارم کي باھ لڳڻ ڀرسان پيل زميندار جي پراڙ جي ديرن کي به باھ وڪوڙي وئي. اسان جو 15 لک کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. تيز ھوا دوران باھ ايتري ته تيزي سان لڳي جو اسان ڪنهن کي اطلاع ئي نه ڪري سگهياسين رڳو سر بچائي ٻاھر نڪري سگھياسين مختصر وقت ۾ باھ سڀ ڪجھ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو الله پاڪ جي مھرباني آهي جو ڪو جاني نقصان نه ٿيو آھي.