ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي ملاڪاتيار شهر ۾ چوري جي الزام هيٺ حيدرآباد واسي ذهني مريض نوجوان تي ٽن ڄڻن وحشياڻو تشدد ڪيو، تشدد ۽ مارڪٽ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. متاثر تشدد واري واقعي کانپوءِ حيدرآباد روانو ٿي ويو. ان ڏس ۾ دريا روڊ تي مبينا طور چوري جي الزام ۾ علائقي جي ٽن ڄڻن هٿن ۾ لٺيون کڻي حيدرآباد واسي نامعلوم نوجوان تي وحشاڻو تشدد ڪري کيس سخت مارڪٽ لتن مڪن ۽ لٺين جا وسڪارا مٿس وسائي کيس رتو رت ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ، متاثر نوجوان کيس مارڪٽ نه ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙون ڪندو رهيو پر سندس ڪنهن به نه ٻڌي نه وري رحم ڪيو ، سخت مارڪٽ ۽ تشدد کانپوءِ کيس روڊ تي ليٽائي وري ٻيهر مارڪٽ جاري رکي وئي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود ٽنڊو محمد خان ۽ بلڙي شاھ ڪريم جي انتظاميه ڪو به نوٽيس وٺي نه سگهي، ملاڪاتيار پوليس واقعي بابت ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو آهي ، ملاڪاتيار جي ايس ايڇ او احمد علي انصاري جو چوڻ آهي ته اسان وٽ ڪو به فريادي نه پهتو آهي جنهن جي ڪري اسان ڪجھ به ڪري نٿا سگهون ، پنهنجي آفيسرن کي آگاهي ڏني آهي جيڪي حڪم ڏيندا ته ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي ، جڏهن ته ٻي طرف سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ انساني حقن واري تنظيمن ۽ سياسي سماجي حلقن طرفان تشدد ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي .