ساڄي ڌر جي پاڪستاني صحافت جي وڏي نالي ۽ ٽئين فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق جي محبوب دلنواز الطاف حسن قريشي جي ڪتاب “ملاقاتين ڪيا ڪيا” بنيادي طور تي ٻن ٽن ملڪن جي سربراهن، سياستدانن، علم ۽ دانش جي ماڻهن ۽ قانوندانن کان ڪيل انٽرويوئن تي مشتمل آهي. اهي انٽرويو شاهه فيصل شهيد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ٽئين فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق، سيد ابوالاعليٰ مودودي، شيخ مجيب الرحمان، سلمان ڊيمرل، خان آف قلات نواب احمد يار خان بلوچ، جسٽس حمود الرحمان، حڪيم محمد سعيد، ايئرمارشل (ر) اصغر خان ۽ 13 ٻين مشهور شخصيتن جا آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ساڄي ڌر جي برک ۽ سينيئر صحافي الطاف حسن قريشي جي انهن انٽرويوئن کي ڪتابي شڪل ۾ اسان جي ترقي پسند دانشور ۽ صحافي دوست فرخ سهيل گوئندي جي اداري شايع ڪيو آهي. ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي هن ڪاروباري سنگم جي ڪري اسان جهڙن طالب علمن کي هڪ سٺي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو. ڪتاب جي قيمت تمام گهڻي آهي، اسان جهڙن طالب علمن کي واپاري اگهه تي اڌ قيمت 750 رپيا ۾ ملندڙ هن ڪتاب جي اصل قيمت 1490 رپيا آهي، جيڪا تمام گهڻي آهي. پبلشرز کي هر حال ۾ ماڻهن جي خريداري سگهه جو احساس ڪرڻ گهرجي. 390 صفحن جي ڪتاب لاءِ 1490 رپيا، يعني في صفحو لڳ ڀڳ چار رپيا، تمام گهڻو آهي.
خير، هيءُ الڳ موضوع آهي، ان تي پوءِ ڪڏهن ڳالهائينداسين ته پاڪستان ۾ ڪتابن جون قيمتون ايتريون وڌيڪ ڇو رکيون وڃن ٿيون. ڄاڻايل ڪتاب ۾ جيڪي 23 شخصيتون شامل آهن، اهي بيشڪ ويهين صديءَ جون نامياريون شخصيتون هيون. هاڻي ان کي اڪيهين صديءَ جي بدقسمتي ئي چئجي (پاڪستان جي حد تائين) جو ان جو دامن خالي آهي. جيڪڏهن مَٺيان مور نه ڀانئيو ته اهو چئجي ته هيءَ صدي سُنڍ صدي آهي. اڳواڻن جي جاءِ تي واپاري ۽ ڪميشن خور ليڊر اچي ويا آهن. عالمن جي جاءِ تي ڊينڊڙا ڦونڊجيو پيا هلن. محراب ۽ منبر کي اسٽيج بڻايو ويو آهي. اقتدار خدمت لاءِ نه، پر اقتدار ڪاروبار جي واڌاري لاءِ حاصل ڪيو وڃي ٿو.
“ملاقاتين ڪيا ڪيا” ۾ شامل 23 ملڪي ۽ عالمي سطح جي شخصيتن جا انٽرويو پڙهي، توهان انهن جي فڪر، نظريي، فهمِ دين، حڪمراني جي طرز ۽ ٻين معاملن سان اختلاف ڪري سگهو ٿا. اختلاف سماجي ۽ سياسي شعور جو حسن آهي، پر ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اهي شخصيتون پنهنجي نظريي سان مخلص هيون، ڀلي اهو نظريو ڪيئن به هجي. انهن مان ڪجهه بابت تاريخ پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي آهي. انهن 23 مان هر هڪ شخصيت انهيءَ رتبي جي هئي، جو ان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي انهن جي خيالن، حڪمرانن جي طرزِ حڪمراني، عالمن جي فهمِ دين، ۽ قانوندانن جي قانوني بصيرت تي، جيڪا هن ملڪ لاءِ گهٽ، پر فوجي آمرن لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي. پر اڄ جي نشست ۾ اسان ڪتاب ۾ شامل پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزير اعظم، ايٽمي پروگرام ۽ 1973ع جي آئين جو خالق، ۽ ٽئين مارشل لا جي ٻئي سال جي چوٿين مهيني ۾ قتل جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏنل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تي ڳالهائينداسين.
سر شاهنواز ڀٽو جو لختِ جگر ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي اقتدار جي ايوانن ۾ صدر اسڪندر مرزا جي ڪابينا ۾ وزير طور داخل ٿيو. پوءِ ايوب خان جي ڪابينا ۾ مختلف وزارتن تي فائز رهيو ۽ دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر واري “پرڏيهي وزير” ٿيڻ جو اعزاز به حاصل ڪيائون. ايوب خان سان اختلاف ٿيا، وزارت ۽ ڪنونشن ليگ جي سيڪريٽري شپ ڇڏڻ بعد سياست جي ميدان ۾ نڪري پيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي سان ترقي پسند منشور تي ٻڌل پنهنجي پارٽي جوڙي. “طاقت جو سرچشمو عوام آهي” جو نعرهء مستانه بلند ڪيائون ۽ رجعت پسندن کي اولهه پاڪستان ۾ پٽ چَٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ پايي جا سياستدان، قانوندان، دانشور ۽ مدبر هو. جيڪڏهن ان جي شخصيت کي خوبين ۽ خامين کي مروج اصولن تي ڏسجي ته مثبت پاسا واضح طور تي وڌيڪ آهن. هو به هڪ عام انسان هو، گوشت پوست جو ٺهيل، ۽ ٻين انسانن وانگر، ڪجهه غلطيون به ضرور ٿيون، جن جو هن پاڻ به ڪيترن ئي موقعن تي اعتراف ڪيو. اها به حقيقت آهي ته سندن سياسي فڪر، جدوجهد، ۽ بهادريءَ سان ڦاسيءَ تي چڙهڻ جي عمل کين تاريخ ۾ امر بڻائي ڇڏيو. سوديبازي ۽ سرچاءُ ڪرائڻ وارا ان وقت به گهڻا هئا، پر ڀُٽي صاحب پاڻ عدالت ۾ واضح لفظن ۾ چيو: “آئون تاريخ جي هٿان مرڻ بدران مارشل لا جي ظلم ۽ جبر جو مقابلو ڪندي جان ڏيڻ پسند ڪندس، جيئن تاريخ ۾ زنده رهي سگهان”. ۽ هن ائين ئي ڪيو. نه جهُڪيو، نه معافي گهري، نه خط لکيا، نه سمجهوتو ڪرائيندڙ دوستن جي ڳالهه مڃي، ۽ 4 اپريل 1979ع جي صبح ڦاسيءَ جي جهولي ۾ هن کي ننڊ اچي وئي. وقت ثابت ڪيو ته مرده ڀٽو، زنده ڀٽو کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو، جنهن جي ڊپ کان 8 سال تائين فوجي آمر مارشل لا هٽائڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو. ڀٽو چوي ٿو: “سنڌ ۾ اسان جي خاندان جون تمام گهڻيون زمينون هيون، پر زرعي سڌارن بعد اسان لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد تائين محدود ٿي وياسين”.
ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۽ بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) مان حاصل ڪئي. 1946ع ۾ آمريڪا جي ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين، جتان علم سياسيات (Political Science) ۾ “بي اِي آنرز” امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائون. بعد ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ايم اي علم سياسيات جي ڊگري حاصل ڪيائون. ڀٽو يونيورسٽي جي ڪرائيسٽ چرچ ڪاليج جي انهن چند شاگردن مان هڪ هو، جن ٻن سالن جا امتحان هڪ ئي سال ۾ ڏنا ۽ امتيازي حيثيت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. انهيءَ ريت، “بار ايٽ لا” جو امتحان به پهرئين سال ۾ ئي امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائون. هو چوي ٿو: “آئون ستن سالن تائين پرديس ۾ رهيس ۽ اتي مونکي پنهنجو وطن تمام گهڻو ياد ايندو هو. مون کي انهن ماڻهن تي حيرت ٿيندي هئي، جيڪي پاڪستان کان ٻاهر ويندا هئا ۽ آمريڪا ۽ يورپ جي رنگين دنيا ۾ گم ٿي ويندا هئا. وطن جو چهرو سادو سهي، پر ان ۾ زبردست ڪشش آهي. منهنجي هميشه اها خواهش رهي ته جلدي واپس وطن وران ۽ پنهنجي ماڻهن جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪريان”. جڏهن کانئن پڇيو ويو ته، “هڪ جاگيردار گهراڻي سان تعلق رکندڙ، جيڪو اعليٰ ملڪي ۽ غيرملڪي تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪري چڪو هجي، ان کي عوام جي اهنجن ۽ مسئلن سان ڪهڙو واسطو؟” ته ڀُٽي وراڻيو: “منهنجي والد ٻه شاديون ڪيون هيون. منهنجي والده هڪ عام، غريب گهراڻي سان واسطو رکندي هئي. مان پنهنجي والده جو ٿورائتو آهيان، جنهن مونکي غريبن سان محبت ڪرڻ سيکاري. منهنجي امڙ مونکي هميشه غريب ۽ مفلس ماڻهن جي حالتن بابت آگاهه ڪندي هئي. پنهنجي والد سان گڏ زمينن ۽ ٻين علائقن جي دورن دوران مون عام ماڻهن جي مسئلن ۽ اهنجن کي ويجهي کان ڏٺو”.
ڀُٽو چوندو هو ته: “منهنجي راءِ ۾ اسان جي شروعات ئي غلط ٿي. اسان کي 1935ع جي ايڪٽ ۾ ترميمون ڪري سالن تائين ملڪي معاملن هلائڻ بدران، پاڪستان جي قيام کان پوءِ فوري طور نئون دستور ٺاهي وٺڻ گهرجي ها. غلاميءَ واري ماضيءَ کان مڪمل طور ڪٽجي، هڪ نئين شروعات جي ضرورت هئي”. هن جي خيال موجب: “بيشڪ نئون رت ۽ نئين قيادت هميشه سياسي جمود کي ختم ڪري، سياسي شعور ۾ گهرائي پيدا ڪندا آهن. مون کي فخر آهي ته مان سائوٿمپٽن يونيورسٽي ۾ پهريون ايشيائي مسلمان هئس، جنهن کي يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي قانون پڙهائڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. پر جلدي اهو فخر منهنجي لاءِ هڪ خلش ۾ تبديل ٿي ويو. آئون ويچار ڪندو رهيس ته منهنجي صلاحيتن تي منهنجي وطن ۽ ماڻهن جو وڌيڪ حق آهي، آئون انهن کي ٻين لاءِ ڇو ضايع ڪريان؟…. هن جذبي تحت آئون وطن واپس آيس ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي ۾ بين الاقوامي قانون پڙهائڻ لڳس، ساڳئي وقت وڪالت به شروع ڪيم. اهو ئي زمانو هو جڏهن منهنجو پنهنجي ماڻهن سان سڌو رابطو ٿيو. مون کي سندن ڏکن کي نئين سر سمجهڻ جو موقعو مليو”.
ڀٽو چوي ٿو: “اسان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي آزاداڻي طور تي قائم ڪرڻو پوندو. سفارتي عملي کي غيرملڪي ٻوليون سيکارڻ لاءِ باقاعده ادارو هجڻ گهرجي. پاڪستان کي بين الاقوامي برادريءَ ۾ پنهنجو ڪردار غيرجانبداريءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي. اسلامي دنيا سان واسطا وڌيڪ بهتر بڻائڻا پوندا. پاڙيسري ملڪ ڀارت سان سٺا لاڳاپا هجڻ گهرجن، پر ڀارت جي بالادستي ڪنهن به صورت قبول نه ڪئي ويندي. اسلامي ملڪن کي گهرجي ته پنهنجن وسيلن مان جديد علمي ۽ تحقيقي ادارن ۽ فيڪٽرين جو بنياد وجهن”. هو چوي ٿو: “پاڪستان کي ڪشميري ڀائرن جي هر ممڪن مدد جاري رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪشميرين کي اسين پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز سمجهون ٿا”.مئي 1966ع ۾ ڀُٽو صاحب کان ورتل انٽرويو، جُون جي مهيني ۾ شايع ٿيو. الطاف حسن قريشي هن انٽرويو تي جيڪو تفصيلي پڇاڙڪا لفظ (اختتاميه) لکيا، ان تي به ڳالهائي سگهجي ٿو. تاريخ، مڪالمي ۽ تحقيق جي شيءَ آهي، ان کانسواءِ پورو سچ سامهون نٿو اچي سگهي.