حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ واٽر اينڊ سيوريج اٿارٽي ۾ 67 ملازمن کي مستقل بحال نه ڪرڻ ۽ پگھارون جاري نه ڪرڻ خلاف ليبر ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران ايچ ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڇنڊ پٽي وئي، عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جا حڪم آھن ملازمن کي مستقل ڪريو يا جيل وڃو، ، ڊي جي مھلت جي استدعا رد ڪئي. عدالت اينڊيشل چيف سيڪريٽري ۽ سي اي او واسا طلب  10 مئي تي طلب ڪري ورتو، حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جو نئون مقرر ٿيل ڊائريڪٽر جنرل ۽ سيڪريٽري سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا، عدالت ڪيس بابت ريماڪس ڏنا ته حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جا 5 ڀيرا ڊي جي تبديل ٿيا ۽ ملازمن کي مستقل نه ڪندا ته ھي چوريون يا ڌاڙا ھڻندا؟ ڊي جي ايچ ڊي آگاھي ڏني ته مونکي ايندي اڍائي مھينا ٿيا آھن لاڳاپيل ڪيس بابت ڪالھ آگاھي ملي آھي، اوھان کي نوڪري تي گھڻو وقت ٿيو آھي جو ملازمن جو مسئلو حل نٿا ڪري سگھو عدالت جو ايچ ڊي جي ڊائريڪٽر جنرل کان پڇاڻو  عدالت ڪيس بابت وڌيڪ ريماڪس ڏنا ته ملازمن جي ڪيس بابت اوھان ڪھڙو حل ڪڍيو آھي؟ ڊائريڪٽر جنرل آگاھي ڏني ته وقت ڏنو وڃي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن کان ملي ڪري مسئلي جو حل ڪڍون ٿا عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوھان کي بار بار وقت ڏنو ۽ صرف وقت پيا گھرو ھاڻي ائين نه ھلندو ھتي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڪمپلائينس ڪريو يا جيل وڃو عدالت پاران حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کي ڇنڊ ٻڌڻي 4 ڪلاڪن تائين ملتوي ڪئي ته عدالتي حڪمن جي ڪمپلائينس ڪريو 4 ڪلارڪن ٻيھر ٻڌڻي بعد ڊائريڪٽر جنرل ايچ ڊي اي عدالت ۾ پيش نه ٿيو عدالت ٻڌڻي دوران حڪم ڏنو ته ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ سي اي او واسا ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمپلائينس رپورٽ پيش ڪن ٻڌڻي 10 مئي ايندڙ ڇنڇر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.