شانزي (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ اشتهاري ايجنسي پنهنجي ملازمن کي استعيفيٰ تي مجبور ڪرڻ لاءِ پنهنجي آفيس ڏورانهن جبلن تي منتقل ڪري ڇڏي، ميڊيا رپورٽس مطابق چيني ايڊورٽائزنگ ڪمپني جي ملازمن جي دعويٰ آهي ته ڪمپني پنهنجي آفيس شهر کان پري جابلو علائقي ۾ منتقل ڪري ڇڏي آهي ته جيئن انهن کي نوڪري ڇڏڻ تي مجبور ۽ معاوضو ادا ڪرڻ کان بچي سگهي، چين جي صوبي شانزي جي شهر زيان ۾ واقع ڪمپني جي ان حڪمت عملي کي ملازمن طرفان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو انتهاپسند حربو قرار ڏنو پيو وڃي، ڪمپني تي لڳايل الزامن جي شروعات هڪ ملازم چانگ طرفان سامهون آئي، جنهن دعويٰ ڪئي ته اهو هڪ ڪمپني جي عملي جو حصو آهي، پر ڪم جي نئين حالتن سبب آفيس جوائن نٿو ڪري سگهي، چانگ وڌيڪ چيو ته ڪمپني آگاهه ڪيو آهي ته انهن کي ڊيوٽي تي اچڻ لاءِ هاڻي ڪنلنگ جابلو سلسلي ۾ بڻيل نئين آفيس اچڻو پوندو، جنهن جو هڪ طرفو رستو ٻن ڪلاڪن تي ٻڌل آهي ۽ انهن ماڻهن لاءِ تمام گهڻيون ڏکيائيون آهن، جن وٽ پنهنجي ذاتي گاڏي ناهي.