اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي سينيٽ چيئرمين، وفاقي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرز جون پگهارون اڍائي لک رپين کان 21 لک رپيا ڇو ڪيون ويون ؟ صحافي جي اهڙي سوال تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جواب ڏنو ته اهو ڏسو ته وزيرن ۽ پارليامينٽيرينز جون پگهارون آخري ڀيرو ڪڏهن وڌيون هيون ؟ وزيرن جي پگهارن ۾ آخري ڀيرو 2016ع ۾ واڌ ٿي هئي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ٿئي ٿي ته وزيرن جي به وڌڻ گهرجي، جيڪڏهن هر سال پگهار وڌندي رهي ته هڪ ڀيرو وڌڻ جي ڳالهه نه ٿئي، اهو ضرور ڏسو ته وزيرن ۽ پارليامينٽيرينز جي پگهارن کي ڪڏهن ايڊجسٽ ڪيو ويو هو، مان ڪنهن شي کي مٿي وڃڻ بعد هيٺ ويندي ناهي ڏٺو .