اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ايڊهاڪ رليف الائونس جي مد ۾ سرڪاري ملازمن جي هلندڙ بنيادي پگهار تي 10 سيڪڙو واڌ ۽ 30 سيڪڙو ڊسپيرٽي الائونس جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. ناڻي وزارت موجب سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ سان گڏ گريڊ 1 کان 22 تائين جي ڊسپيرٽي رڊڪشن الائونس جي اهل ملازمن لاءِ 30 سيڪڙو الائونس جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ ايڍهاڪ رليف الائونس جي صورت ۾ ڪئي وئي آهي، جيڪا موجوده بنيادي پگهار تي لاڳو ٿيندي. پگهارن ۾ واڌ جو اطلاق 1 جولاءِ 2025ع کان لاڳو ڪيو ويو آهي. ناڻي وزارت جي پهرين نوٽيفڪيشن موجب صدر طرفان وفاقي حڪومت جي سول ملازمن، هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، ۽ دفاعي خرچن مان پگهار وٺندڙ سول اهلڪارن لاءِ 10 سيڪڙو ايڍهاڪ رليف الائونس 2025ع جي منظوري ڏني وئي آهي. انهي واڌ مان اهي ڪانٽريڪٽ ملازم به فائدو وٺندا جيڪي بنيادي پگهار جي اسڪيل تي معياري شرطن جي تحت ڪم ڪري رهيا آهن. ايڊهاڪ رليف الائونس جي رقم آمدني ٽيڪس قانون تحت ٽيڪس جوڳي هوندي. اهو الائونس عام موڪل يا ايل پي آر (ليو پريپريٽري ريزرو) دوران به ڏنو ويندو، غير معمولي موڪل دوران نه ڏنو ويندو. هي الائونس پينشن يا گريجوئيٽي جي حساب ۾ شامل نه ٿيندو، ۽ نه ئي هائوس رينٽ جي ڪٽوتي ۾ شمار ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن موجب، ٻاهرين ملڪ مقرري يا ڊيپيوٽيشن جي دوران هي الائونس لاڳو نه ٿيندو، پر واپسي تي ملازمن کي اها رقم ساڳي شرح ۽ مقدار موجب ڏني ويندي جيڪا ملڪ ۾ مقرري دوران هئي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ وضاحت ڪئي وئي آهي ته بنيادي پگهار ۾ اهو ذاتي الائونس به شامل هوندو جيڪو سالياني انڪريمنٽ کان پوءِ موجوده پگهار جي اسڪيل جي وڌ ۾ وڌ حد کان وڌڻ تي ڏنو ويندو آهي. وفاقي حڪومت واضح ڪيو آهي ته هي ايڊهاڪ رليف الائونس مالياتي سال 2025-26ع لاءِ لاڳو ٿيندو ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنز ۽ ادارن جي موجوده بجيٽ مان ئي ڏنو ويندو. ان لاءِ ڪا اضافي يا ضمني گرانٽ جاري نه ڪئي ويندي. ٻئي نوٽيفڪيشن موجب صدر وفاقي حڪومت جي گريڊ 1 کان 22 تائين انهن آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ 30 سيڪڙو ڊسپيرٽي رڊڪشن الائونس جي منظوري ڏني آهي، جيڪي اڳ ۾ ئي هي الائونس وٺي رهيا هئا. نوٽيفڪيشن موجب هي الائونس به 1 جولاءِ 2025ع کان لاڳو ٿيندو ۽ ملازمن کي 30 جون 2022ع جي بنيادي پگهار جي بنياد تي ڏنو ويندو. هي ڊسپيرٽي الائونس ساڳين شرطن تحت جاري رکيو ويندو، جيڪي ملازم 1 جولاءِ 2022ع يا ان کان پوءِ ڀرتي ٿيندا، انهن لاءِ هي الائونس 2017ع جي لاڳاپيل پگهار اسڪيل جي بنياد تي لاڳو ٿيندو. حڪومتي ذريعن موجب ڊسپيرٽي رڊڪشن الائونس جو مقصد وفاقي ادارن جي ملازمن جي وچ ۾ پگهار جي فرق کي گهٽائڻ ۽ بهتر مالي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. البته اهي ملازم جيڪي اسپيشل پگهار، ايگزيڪيوٽو الائونس، اسپيشل الائونس يا 100 سيڪڙو بنيادي پگهار جي برابر ڪو ٻيو الائونس وٺي رهيا آهن، اهي هن ڊسپيرٽي الائونس جا اهل نه هوندا، جيڪڏهن اهي الائونس مالي سال ۾ منجمد ڪيا ويا هجن. صرف اهي ملازم هن الائونس جا اهل آهن، جن کي اڳ ۾ ئي حڪومت طرفان اعلان ڪيل 25 سيڪڙو ۽ 15 سيڪڙو ڊسپيرٽي الائونس ملي رهيو آهي. واضح رهي ته وفاقي بجيٽ ۾ گريڊ 1 کان 22 جي ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو هو، جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير چيو هو ته آئين پاڪستان جي برابريءَ جي شق تي عمل ڪندي اهل سرڪاري ملازمن کي 30 سيڪڙو ڊسپيرٽي رڊڪشن الائونس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويو آهي.