ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا، ماڊل ۽ ڊانسر ملائيڪا اروڙا پنهنجي ڪم سان گڏوگڏ افئيرز سبب به خبرن جي زينت بڻجندي رهندي آهي. ڪجهه عرصو اڳ ملائيڪا اروڙا جي اداڪار ارجن ڪپور کان رستا ڌار ڪرڻ تي سندس مداح دنگ رهجي ويا هئا، پر هاڻي ڀارتي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ملائيڪا اڄڪلهه اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪارا کي ڊيٽ ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب،اهڙي قسم جي خبرن ان وقت طور پڪڙيو جڏهن ڀارتي شهر گوهاٽي جي بار سپارا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ راجسٿان رائزل ۽ چنائي سپر ڪنگز جي ميچ دوران ملائيڪا جون تصويرون منظرِعام تي آيون. سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرن ۾ ملائيڪا کي سريلنڪا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪمار سنگاڪار سان خوشگوار موڊ ۾ ميچ انجواءِ ڪندي ڏٺو ويو، جنهن کانپوءِ ملائيڪا ۽ ڪمار سنگاڪارا جي رومانوي لاڳاپن بابت افواهه گردش ڪرڻ لڳا. ياد رهي ته ڪمار سنگاڪارا هن وقت آءِ پي ايل فرنچائز راجسٿان رائلز سان ڊائريڪٽر ڪرڪيٽر طور واڳيل آهي، ان کان اڳ ڪمار سنگاڪارا ڪوچ طور به راجسٿان رائلز لاءِ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. ڪمار سنگاڪارا سان لاڳاپن جي افواهن کانپوءِ ملائيڪا جي ويجهن ذريعن جو ردعمل به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هنن اداڪارا ۽ ڪرڪيٽر جي ڊيٽنگ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو ۽ واضح ڪيو ته ٻن ماڻهن جو گڏ ويهڻ جو مطلب ڊيٽنگ ناهي هوندو.