ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا، ماڊل ۽ ڊانسر ملائيڪا اروڙا جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ممبئي جي مقامي عدالت ملائيڪا خلاف سيف علي خان 2012ع هوٽل حملي ڪيس ۾ شاهد طور مسلسل غير حاضري تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ ٻيهر جاري ڪيا. اداڪارا جا گرفتاري وارنٽ 7 اپريل تي جاري ڪيا ويا هئا، عدالت هلندڙ مهيني جي آخر تائين جاري ڪيل وارنٽن تي اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، گذريل ڏينهن سيف علي خان سميت سمورن جوابدارن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي ۽ غير حاضر رهيا، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. ملائيڪا اروڙا کي پهريان به عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو پر هوءَ غير حاضر رهي جنهن تي عدالت اداڪارا خلاف پنج هزار رپين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ ٻيهر جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته ان کان اڳ به 15 مارچ تي به اداڪارا خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، عدالت ملائيڪا اروڙا جي ڀيڻ امريتا اروڙا سميت هڪ ٻئي دوست فرخ واڊيا جا به وارنٽ به جاري ڪيا هئا.