اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم پاڪستان جو ٽن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪرڻ بعد ملائيشيا روانو ٿي ويو. نور خان ايئر بيس تي وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ واپار واري وزير ڄام ڪمال ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سندس وفد کي الوداع ڪيو. ان موقعي تي وزير اعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ڏهاڪن کان پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ملائيشيا جي وزيراعظم سان پاڪستان ۽ ملائيشيا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملائيشيا جو وزيراعظم علامه اقبال جو مداح آهي، جيڪا پاڪستان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. وزير اعظم چيو ته پاڪستان-ملائيشيا بزنس فورم ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي. ملائيشيا سان پاڪستان جي واپار کي هٿي وٺرائڻ سان ملڪي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ملائيشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو پاڪستان ۽ ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان کان ملائيشيا کي پروسيس ٿيل گوشت ۽ چانورن جي برآمدات کي وڌايو ويندو ۽ طريقيڪار کي آسان ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ برقي گاڏين جي پيداوار ۽ واپار ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ملائيشيا بزنس فورم ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم پڻ شرڪت ڪئي. ملائيشيا جي وزيراعظم کي پاڪستان جي صدر پاران نشان پاڪستان پڻ ڏنو ويو.