مقصُود گل جي 75هين جنم ڏينهن تي ڀيٽا … چهرن جا ‘گلَ’ گلابَ نچن ٿا نگاهَه ۾

0
33
مقصُود گل جي 75هين جنم ڏينهن تي ڀيٽا ... چهرن جا ‘گلَ’ گلابَ نچن ٿا نگاهَه ۾

اڄ سنڌ جي سجيلي مزاحمت نويس ۽ رُومان نگار شاعر، عالم، دانشور، مترجم، سچل سائينءَ رحه جي شارح، ڪالم نويس، ٻارن جي اديب ۽ پنهنجي ذات ۾ اداره ساز ۽ شخصيت ساز مٺڙي ماڻهوءَ، ‘مقصُود گل’ (1950ع ــ 2015ع) جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو اڄ کان 75 ورهه اڳ سهڻيءَ سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي سهڻي شهر رتيديري ۾، پنهنجي دؤر جي نامياري سنڌي شاعر، استاد، تعليمدان، صحافيءَ ۽ سماج سڌارڪ، قاضي عبدالحيّ ‘قائل’ جي گھر ۾ 15 اپريل 1950ع تي ڇنڇر ڏينهن پيدا ٿيو، جيڪا هجري ڪيلينڊر جي لحاظ کان ٢٧ جمادي الثاني ١٣٦٩ هجريءَ جي تاريخ هئي.

                 جنهن ڏينهن تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ننڍڙي شهر رتيديري ۾ مقصود گل ڄمي ٿو، ان وقت پاڪستان کي وجود ۾ آئي اڃا پُورا 3 سال به ناهن ٿيا ۽ سندس جنم کان پورا 4 مهينا پوءِ هن ملڪ کي پنهنجيءَ ٽن سالن جي عمر کي پهچڻو هو. يعني عمر ۾ پاڪستان، مقصود گل کان فقط 2 سال، 8 مهينا وڏو هو. جيتوڻيڪ برطانوي تسلط کان آزاد ٿيل ڀارت جي عمر به اوتري ئي هئي، پر پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هڪ فرق اهو هو ته ڀارت کي مقصود صاحب جي جنم واري سال هڪ نئون جنم مليو هو. ڇو ته 1947ع کان 1950ع تائين ڀارت جي حيثيت، ان جي گھڻين ‘راجائي رياستن’ جي هندوستان ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ واريءَ ٻُڏتر جي ڪري، اڃا به ‘ڊومينين آف انڊيا’ (مُسلط ڀارت) واري رهي، جنهن تحت هندوستان، برطانيه سان ذاتي اتحاد ۾ هڪ بادشاهت جي وفاقي رياست واري ‘نيم آزاد ملڪ’ وانگر رهيو ۽ ڀارت جي ڪئين رياستن جي علائقن کي سياسي طور تي ‘هندوستاني يُونين’ ۾ ضم ڪيو ويو هو. 26 جنوري 1950ع کان (جنهن ڏينهن کي هر سال ڀارت ۾ ‘يومِ جمهوريه’ ڪري ملهايو ويندو آهي) ڀارت هڪ مڪمّل جمهوري رياست جي حيثيت ۾ پنهنجي خودمختار حيثيت ماڻي.

هوڏانهن ڏسجي ته عالمي فضا تان اڃا ٻي مهاڀاري جنگ جي ڪڪرن جي ڪارنهن ئي ڪانه لٿي هئي ۽ اڃا ٻي جنگِ عظيم کي پوري ٿئي اڌ ڏهاڪو به ڪونه ٿيو هو، جو قاضي ‘قائل’ جي گھر هن مزاحمتي شاعر اک کولي هئي. 2 سيپٽمبر 1945ع تي ختم ٿيل ‘ورلڊ وار ٽُو’ کي ان ڏينهن پُورا 4 سال، 7 مهينا ۽ 13 ڏينهن ٿيا هئا، جنهن ڏينهن سنڌ جو هي سجيلو شاعر ڄائو. انسان تي سندس ڄمڻ جي جُوءِ ۽ وقت تي ان دؤر جُون عالمي معروضي حالتون سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اثر انداز ضرور ٿينديون هونديون. جي اهو قياس سائنسي حوالي سان درست آهي، ته اها حقيقت هر عالمي ادب پڙهندڙ تي آشڪار ٿيل هوندي، ته 1950ع وارو ڏهاڪو انگريزي ادب ۾ ‘ڪاوڙ جي ڏهاڪي’ (اينگري ڊڪيڊ) جي طور تي ڳڻيو ويندو آهي. انگريزي محقق ۽ نقاد ‘گريگ بزويل’ جي تحقيق موجب اهي حقيقتون عالم آشڪار آهن، ته 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيئن ان ڪاوڙ واريءَ لهر تحت، برطانوي شاعر ۽ ناول نويس ‘فلپ لارڪن’ (1922ع ــ 1985ع) ۽ انگريزي شاعر ‘ٿام گن’ (1929ع ــ 2004ع) جي تحريڪ، شاعريءَ کان انگريز ناول نويس، شاعر ۽ نقاد ‘ڪنگسلي ايميس’ (1922ع ــ 1995ع) جي ڪهاڻين ۽ نام نهاد ‘اينگري يَنگ مين’ (ڪاوڙيل نؤجوان) جي ڊرامن تائين، نئين قسم جي ادب کي جنم پئي ڏنو. اولهه جي ادب ۾ ان ڪاوڙ واريءَ لهر واري سال پيدا ٿيندڙ مقصود گل کي به ڄڻ مزاحمت سُتيءَ ۾ ملي، تڏهن ته ان لهجي جي تلخي ان لمحي کان ٺيڪ 3 ڏهاڪا پوءِ به محسُوس ڪئي وئي ۽ ڄڻ ته سندس لفظ لفظ 80ع واري آمريت جي اکين ۾ باهه جو بلور بڻجي چُڀيو:

ڪائَي وانگر دل ٿي جرڪي، من ۾ مير نه آهي

پر جو جيجل جو ويري آ، تنهن سان خير نه آهي

لانگڙ لاهَه لُچي کان آهي لتَ اسانجي ڳؤري

ٻِي مهاڀاري جنگ کان سُتت پوءِ جي سالن ۾ برطانيه هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي پئي وڌيو. انگلنڊ مجمُوعي شڪستن جو ڌڪ پچائي هڪ پرجوش مستقبل ڏانهن پئي ڏٺو. جنگ جي نقصان ڪري ٿيندڙ ٿَڪُ گھٽجي رهيو هو… ويڙهه جا ڦَٽَ ڀرجي رهيا هئا… امريڪا پاران ملندڙ مالي امداد ملڪ جي نئين سر اڏاوت ۾ مدد ڪري رهي هئي. پر فنونِ لطيفه، خاص طور اتان جو ادب ۽ ٿيئٽر، اڃا زبون حاليءَ جو شڪار هو. جنگ کان اڳ واري دؤر وارن لکيل آرام دي ڊرائنگ روم ڊرامن هاڻي اسٽيج تي غلبو ماڻي ورتو هو، ۽ 1954ع ۾ ‘دي آبزرور’ ۾ مضمونن جي هڪ سلسلي، انهن ڏينهن ۾ اهو سوال به اٿاريو هو ته ‘ڇا ناول مري چڪو آهي؟’ اسٽيج توڙي پنن ٻنهي تي لکجندڙ ۽ پيش ٿيندڙ انگريزي ناولن، تي برطانوي سامراجي ماضيءَ اهڙو غلبو حاصل ڪري ورتو هو، جو انگريزي ناول ان کان جند ڇڏائڻ کان قاصر هو. ان جمود کي ٽوڙڻ لاءِ هڪ بنياد پرست هلچل جي ضرورت هئي ۽ ان ڪاوڙ کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ ادب جي ضرورت ھئي، جيڪو ان ڏهاڪي ۾ اولهه ۾ تخليق ٿيو، جنهن ڏهاڪي جي پهرين سال ۾ مقصود گل ڄائو ۽ تيستائين اهو ادب پروان چڙهيو، جيسين مقصودگل جو ٻالڪپڻ پروان چڙهيو.

اشتراڪيت جي مارڪسي نظريي جو پوئلڳ، سنڌ جو هي منفرد انسان دوست مزاحمت نگار، ان نظريي جي باني ‘ڪارل مارڪس’ (1818ع ــ 1883ع) جي لاڏاڻي کان 67 سال پوءِ ۽ ‘ولاديمير لينن’ (1870ع ــ 1924ع) جي وڇڙڻ کان 26 سال پوءِ ٿو پيدا ٿئي، پر سندن سوشلسٽ نظريو ساڻس ايئن همسفر رهي ٿو، ڄڻ سندس تربيت انهن جي صحبت ۾ ٿي هجي! مقصود گل جي اڻ ڇپيل تصنيفن منجھان، سبطِ حسن جي اردو ڪتاب ’ڪارل مارڪس‘ جو سنڌي ترجمو به شامل آهي، جنهن ۾ ڪارل مارڪس جي مختصر سوانح ۽ سندس ڪارنامن جو احوال درج آهي. پر صوفي شاهه عنايت شهيد (1655ع ــ 1718ع) جي شهادت کان 232 ورهه بعد ڄمندڙ مقصود گل کي ان ڳالهه جو اوس ادراڪ آهي ته اشتراڪيت جي باني سرزمين سنڌ جي مٽي ئي آهي، جتان پهريون ڀيرو جھوڪ جي شهيدَ، “جو کيڙي، سو کائي!” جو نعرو بلند ڪيو هو. تڏهن ته نئين ديري ۾ ادبي تحرڪ پيدا ڪندي، جڏهن کيس ادبي تنظيم جي صورت ۾ پليٽ فارم جي ضرورت پئي، ته ان سٿ جو نالو ‘شاهه عنايت ادبي سنگت’ رکيائين.

مقصود گل جي جنم جي ٽائيم لائن تي نظر وجھجي ته سندس پسنديده ليڊر، ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت 22 سالن جو جوان هو ۽ انقلاب جي دنيا ۾ سندس پسنديده شخصيت ياسر عرفات ان وقت 21 سالن جو هو، جڏهن مقصود سائينءَ هن دنيا ۾ اک کولي. 1950ع، ڀُٽي صاحب جي زندگيءَ ۾ انڪري به هڪ يادگار سال هو، جو ان سال هن يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، بارڪلي (امريڪا) مان پوليٽيڪل سائنس ۾ بي. اي. (آنرز) جي ڊگري حاصل ڪري، پنهنجي تعليمي حاصلات جو هڪ نئون ‘ميل جو پٿر’ عبُور ڪيو هو.

ڪڏهن ڪڏهن مفهوم جي لحاظ کان مقصود سائينءَ جي نالي تي غور ڪندو آهيان، ته سندس نالي جي ڳُوڙهائيءَ سبب ان تي ڏاڍو پيار ايندو آهي. ڇاڪاڻ ته مقصُود گل جي معنيٰ اهو گل آهي، جيڪو مقصود/ مطلُوب/ گھربل هجي ۽ ظاهر آهي، هر ڪنهن کي اهو ئي گل گھربل هوندو آهي، جيڪو سڀني گلن ۾ سهڻو هجي. تڏهن ته سهڻو شاعر ۽ مقصود صاحب جو دوست، شمشيرالحيدري کيس سندس نالي جي انگريزي ترجمي سان ‘وانٽيڊ فلاور’ (گھربل گُل) ڪري پُڪاريندو هو. شمشير، بظاهر مزاح جي پردي ۾ ان سهڻي انسان جي ذات جي گهرائيءَ جو اظهار ۽ اقرار پيو ڪندو هو ۽ ڄڻ ته سندس نالي جي اصل مفهوم کان آشنائي ڏيندو هو. هونئن ڏٺو وڃي ته مقصود صاحب جو پيدائش جو نالو ‘مقصُود حيات’ آهي. جيڪڏهن ان نالي جي مفهُوم تي به غور ڪجي ته اهو نالو پڻ انتهائي با مفهوم آهي. لفظ ‘مقصُود’ کي زيرِ اضافت ڏئي پڙهجي ته سندس ان مائٽاڻي نالي جو مفهوم ٿيندو ‘زندگيءَ جو مقصد’، جيڪو پڻ پنهنجي معنيٰ جي لحاظ کان هڪ ڀرپُور لفظ آهي. وري انهن ٻنهي نالن کان هٽي ڪري مقصود گل صاحب کي سندس گھر جي پياري واري نالي (نِڪ نيم) جي آئيني ۾ ڏسجي ته کيس گھر ڀاتي ‘معشوق’ سڏيندا هئا ۽ هُو واقعي پنهنجن دوستن ۽ گھڻگھرن جو ئي نه، پر پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري هڪ وسيع حلقي جو پڻ معشوق ٿي اُڀريو.

سچل جهڙي سرمستي صدا واري عظيم وحدت الوجُودي شاعر جي برقعي مٽائڻ کان 123 ورهه پوءِ اک کوليندڙ مقصود گل جي والدين کي يقيناً اهو اندازو ڪونه هوندو ته سندن هي معشُوق فرزند، وڏو ٿي پنهنجي شاعريءَ، ترجمي توڙي تحقيق واري هنر رستي سچل کي عقيدت جا گل ارپيندي، سندس مترجم ۽ شارح بڻبو. اچو ته سڄيءَ سنڌ کي مقصُود گل جي 75هين جنم ڏينهن جُون واڌايُون ڏيون!