رتوديرو(ن پ ا) جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان 21 مارچ تي مقصود خان قريشي ۽ نوجوان سلمان وڌو جي شهادت واري ڏهاڙي تي سڄي سنڌ ۾ شهيدن کي ياد ڪري شهدين جي تصويرن اڳيان گل نڇاور ڪري ڏيئا ۽ ميڻ بتيون ٻاري شهيدن کي قومي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته مُک تقريب رتوديرو ۾ شهيدن جي مزارن تي ٿيندي، جنهن جي سلسلي ۾ 5 وڳي شام جو جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت سان گڏ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندو، جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته شهيد مقصود خان قريشي، شهيد نوجوان سلمان وڌو کي سنڌ سان عشق جي ڏوھه ۾ گوليون هڻي قتل ڪري باھه ڏئي ساڙيو ويو، جن شهيدن جو ڪيس به داخل نه ڪيو ويو، ان کان پهرين شهيد بشير خان قريشي کي زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو جنهن جو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو، پر شهدين جا ڪيس سنڌي قوم جي عدالت ۾ آهن. جن سان تاريخ ضرور انصاف ڪندي، جسقم چيئرمين وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنالن سميت ڪو به ڊيم ٺاهڻ نه ڏينداسين. پنهنجي سنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ 7 اپريل تي شهيد بشير خان قريشي جي 13 ورسي جي موقعي تي رتوديرو ۾ قومي جلسي ۾ تاريخي جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو.