مقصودو رند (ن پ ا ) علاقائي ڪرڪيٽ تنظيم مقصودو رند جي چيئرمين حاجي راھب علي رند جي نگراني ۾ جاري جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 15 ميچ ۾ مٺو رند اليون جي ڪاميابي خبر موجب مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند پاران جاري جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 2025 جي 15 مئچ ۾ مٺو رند اليون جي ٽيم ڌڱاڻو رند اليون جي ٽيم خلاف ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پھريان بيٽنگ ڪندي مٺو رند اليون جي ٽيم مقرر 15 اوورن ۾ زوار حسين رند جي 48 رنسن جي مدد سان 180رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جواب ۾ ڌڱاڻو رند اليون جي ٽيم احسان علي جي 18 رنسن جي مدد سان 10 اوورن ۾ 76 رنسون ٺاھي سگھي مئچ ۾ بھترين بيٽنگ ڪرڻ تي زوار حسين رند کي مئچ جو بھترين رانديگر قرار ڏنو ويو