شهدادپور (ن پ ا) مقصودو رند پوليس هٿان انٽر جو شاگرد گرفتار، منشيات ڪيس ۾ چالان، وارثن جو ٿاڻي آڏو احتجاج، خبر موجب مقصودو رند پوليس انٽر جي شاگرد جُنيد رند کي گرفتار ڪري نشي آور سپارين ۾ چالان ڪري ڇڏيو، پوليس جي اهڙي عمل خلاف گرفتار شاگرد جي وارثن جاويد رند، موسيٰ رند، پيار علي رند، اختر رند جي اڳواڻي ۾ مقصودو رند ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ذاڪر رند ٻڌايو ته پُٽ ٻارهين درجي جو شاگرد آهي، پوليس ناجائزي ڪري دڪان تي ويٺل پٽ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو، هن چيو ته نوجوان بيگناھه آهي، منشيات سان سندس ڪو تعلق ناهي، پرچون جو دڪان هلائيندو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي شاگرد کي آزاد ڪيو وڃي، ٻئي طرف شاگرد کي عدالت ۾ پيش ڪري جيل موڪليو ويو.