مقصودو رند(ن پ ا) مشهور  ملھ پھلوان شير رند جي 7 ورسي ڪربلا جي شھيدن جي چاليھي  سبب سادگي سان ملهائي وئي جڏھن  ته ورسي جي تقريب نه ٿي سگهي مرحوم جي فرزند سالم شير رند ۽ ڀاڻيجن صحافي خير محمد ۔ممتاز علي رند ۔الطاف حسين رند ۽ ٻين پهلوان شير رند جي آخري آرام گاھ سخي سلطان فقير لاشاري جي قبرستان ۾ سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري وئي ان موقعي تي سندس فرزند سالم شير رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بابا سائين پهلوان شير رند صرف نه پهلوان هو پر هو گهڻ رخي شخصيت هو پهلوان شير رند ملھ راند کي اجاگر ڪرڻ لاء پنهجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ جي ريٽائر ملھ پهلوانن جو هميشه آواز اٿاريو هو نهايت شفيق انسان غريبن ۔مسڪينن ۽ يتيمن جي خدمت ڪندو هو اڄ بابا سائين کي وڇڙئي 7 سال گذري ويا سندس يادون اسان سان گڏ آھن