مقروض ملڪ: مجبور سياست!

0
162
مقروض ملڪ: مجبور سياست!

پي ڊي ايم جي نالي ۾ مليل سوا سال واري وزارت ۽ پوءِ پُٺ ۾ لڳل دوکي واري زخم بعد بلاول هاڻي پختونخوا جي پهاڙن ۾ اهو بيانيو کڻي ڀٽڪي رهيو آهي، جنهن مان ملڪي ميڊيا جي مايا ناز اينڪرن کي ان اڳواڻ جي بوءِ ٿي اچي، جيڪو اڳ ۾ اٽڪ ۽ هاڻي اڊيالا جيل جو اسير آهي.

                 پاڪستان جي سياست سدائين عوام ۽ اقتدار جي وچ ۾ ڇڪبي ۽ ڇلبي رهي آهي. جڏهن ڪنهن پارٽيءَ کي اقتدار جو آسرو هوندو آهي، تڏهن هوءَ ملڪ جي ادارن جي اهميت بيان ڪندي آهي پر جڏهن ان پارٽيءَ کي اهو پيغام ملندو آهي ته هن ڀيري کيس اقتدار ملڻ ممڪن ناهي، تڏهن هن جي لهجي ۾ تلخي ۽ لفظن ۾ عوام مٿان نازل عذاب جو اثر ظاهر ٿيڻ لڳندو آهي. پاڪستان جو شمار دنيا جي انهن ملڪن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾سياسي پکين کي محدود پرواز جي موڪل مليل آهي. هونئنءَ ته لامحدود آزادي دنيا جو ڪوئي ملڪ به افورڊ ڪري نه ٿو سگهي. ڀلي اهو ملڪ برطانيا هجي يا اهو آمريڪا، جتي ڊونالڊ ٽرمپ کي پنهنجي مرضيءَ ۽ مخصوص آمريڪي ذهنيت واري سياست ڪرڻ جي اجازت ملڻ محال آهي. چين جو ته مثال اتان جي نيم سرمائيدار ۽ نيم سوشلسٽ نظام وانگر الڳ آهي پر هن ڀيري ته هر شئي مٿان هندو شائونزم جي مهر هڻندڙ نريندر موديءَ کي ڀارت ۾ اها موڪل نه ملي ته هو اسرائيل جي حمايت ۾ فلسطينين جي ايتري مخالفت ڪري جو وچ اوڀر ۾ موجود لکين ڀارتين جو وجود عدم تحفظ جو شڪار ٿي وڃي. جنهن دنيا ۾ امير ملڪ مڪمل طور تي آزاد سياست افورڊ ڪري نه ٿا سگهن، ان دنيا ۾ مقروض ملڪن جو حال ڪهڙو هوندو؟

دنيا جا آڙيڪاپ دانشور پاڻ ۾ اڪيچار اختلاف رکڻ جي باوجود به ان نقطي تي اتفاق ڪن ٿا ته سرد جنگ کان پوءِ عالمي سياست کان اهو آدرش وسري ويو آهي، جيڪو پنهنجو اظهار صرف نعرن ۾ نه پر نظمن ۽ نغمن ۾ به ڪندو هو. ڪالهه تائين جيڪي سياسي ترانا تحريڪ انصاف جي اسٽيج تي ڳاتا ويندا هئا، اڄ انهن جو چربو ميان نواز شريف جي چوڌاري هلي چلي رهيو آهي. جهڙي طرح انهن پارٽين جي نعرن ۾ ملڪ ۽ عوام جي لاءِ ڪوئي عزم ۽ ڪوئي واعدو ڪونهي، تهڙي طرح فرمائش تي لکرايل ۽ پئسي تي ڳارايل گيتن ۾ به اهڙو ڪو ٻول ناهي، جنهن ۾ مستقبل لاءِ ڪنهن اميد جي لاٽ جو ليئو نظر اچي. پاڪستان ۾ جمهوريت جي جدوجهد جنهن اقتداري قيمت تي وڪرو ڪئي وئي، ان جو مدي وارو مقدار ڪيترو نه مختصر هو!

پيپلز پارٽيءَ کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته، هن ڀيري هن لاءِ اقتدار ۾ اچڻ جا امڪان وفاق سطح تي بنهه موجود ناهن پر هن ڀيري ته سنڌ مٿان به ان سوال جو پاڇو پئجي رهيو آهي ته، ڇا پ پ کي سنڌ ۾ چوٿون ڀيرو اقتدار ماڻڻ جي اجازت ملندي؟ جنهن ملڪ ۾ هڪ مشير لاءِ به موڪل ورتي ويندي آهي، ان ملڪ ۾ هڪ صوبي جي حڪومت سياسي پارٽين جي ڇڙواڳ جوڙ توڙ ۽ ووٽن جي آزاد منڊيءَ معرفت ملڻ ممڪن ناهي. جيڪڏهن ڪو اقتداري ميلو لڳائڻ جو پروگرام به منعقد ڪرڻو هوندو ته ان لاءِ به اين او سي وٺڻ لازمي آهي. جڏهن ته پ پ آخر ۾ ان دليل جو پتو استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ويٺي آهي ته، ”جيڪڏهن هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ جي موڪل ملي سگهي ٿي ته پوءِ هڪ پارٽيءَ کي هڪ صوبي ۾ چوٿون ڀيرو حڪومت ڪرڻ جي اجازت ڇو نه ملڻ گهرجي؟“ ممڪن آهي ته ان سوال تي اقتداري سياست جي سرڪاري سوديبازي ٿي سگهي. ممڪن آهي پر پڪ ناهي. ڇو ته پاڪستان جنهن مجموعي ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، ان ۾ آءِ ايم ايف کان قرض جي نئين قسط وٺڻ جي مجبوري نه هجي ته اليڪشن ڪميشن جي ايندڙ سال جي ٻئين مهيني ۾ اليڪشن منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪرڻ جي اجازت مشڪل ملي ها. هن مهل به پاڪستان جي مٿان انگلينڊ ۽ آمريڪا جو پورو دٻاءُ آهي ته چونڊون جلد کان جلد ٿيڻ گهرجن. ڇو ته جهڙي ريت اسان جي اڳوڻي ۽ موجوده عالمي آقا جا نمائندا سياسي پارٽين جي سربراهه سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن، انهن جو مطلب چونڊن جي تاريخ جو آفيشل اعلان ڪرڻ ۽ اليڪشن جو شيڊيول جاري ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو؟

پاڪستان جو سياسي، انتظامي ۽ اقتداري نظام جيترو 9 مئي کان پوءِ تبديل ٿيو آهي، ايترو ته آمريڪا ۾ نائن اليون کان پوءِ به نه ٿيو هو. جيتوڻيڪ جنرل ضياءَ جي آمريت کان پوءِ ملڪ ۾ مشروط جمهوريت جي حوالي سان جيڪا پاليسي عمل ۾ آندي وئي هئي، ان جي بنيادي شرط اها هئي ته هاڻي ڪنهن به قسم جي عوامي هلچل ۽ ملڪي نظام کي هيٺ مٿي ڪرڻ جي حرڪت برداشت نه ڪئي ويندي. اهو ئي سبب هو ته ملڪ جي وڏن اڳواڻن آهستي آهستي پنهنجي سياست جو رخ عوام کان ڦيرائي اسٽيبلشمينٽ طرف ڪرڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ ان عمل ۾ ڏهه ٻارنهن سال لڳي ويا پر ان کان پوءِ سڀني کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته هاڻي اهو اقتدار ملڻ لاءِ عوام جي سرڪش حمايت هڪ پلس پوائنٽ نه سمجهي ويندي. ڇا اها حقيقت ناهي ته پاڪستان ۾ عوام جي سياسي عقيدت يا ماڻهن جي والهانا محبت يا ڀرپور سياسي حمايت هڪ اهڙو عيب آهي، جيڪو اقتدار ملڻ جي سلسلي ۾ وڏي اعتراض جو سبب بڻجي ٿو. هڪ وقت اهڙو هو جڏهن پارٽين جي حڪومت ڪرڻ جو حق ان لاءِ ملندو هو ته ماڻهن جي حمايت ڪن ٿا ۽ هاڻي اهڙي حمايت ڪنهن کي حڪومت ملڻ ۾ مشڪل پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿي. ڇو ته هاڻي اقتدار اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان مڪمل طور تي مشروط بڻايو ويو آهي ۽ ان ۾ عوامي حمايت صرف هڪ بي بنياد شور شرابو ۽ هلوگلو هجڻ تائين قبول ڪري سگهجي ٿي.

ميان نواز شريف هن مهل عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ “ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو نه ٿو ورجائي ۽ نه وري هو انهن فردن سان حساب ڪتاب ڪرڻ جو اعلان ٿو فرمائي، جن بقول سندس، هن جي حڪومت جو مدو مڪمل ٿيڻ نه ڏنو. هن جي ننڍي ڀاءُ ميان شهباز شريف اهو وڏو اعلان ڪري اهڙي بحث جو باب ئي بند ڪري ڇڏيو ته عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ مخصوص فردن جو احتساب ٿيندو يا نه؟

پاڪستان جي سياست ۾ هڪ دور اهڙو به هو، جڏهن احتساب لفظ جمهوري سياست ۾ ڪنهن عظيم انقلاب جيان پيش ڪيو ويندو هو. اهوئي سبب هو ته ان دور ۾ هڪ مشهور بينڊ بهترين ڌن ۽ ٺاهوڪن سازن آوازن سان ”احتساب بس احتساب“ وارو گيت ڳاتو هو. پر اسان جو نظام سٺن ۽ عوام لاءِ پرڪشش لفظن جو حشر نشر ڪرڻ جي سلسلي ۾ باصلاحيت ۽ تجربيڪار آهي. هاڻي احتساب لفظ جو حال اهڙو ٿيو آهي، جهڙو ”ڪامريڊ“ لفظ جو! ڇو ته ڪنهن دور ۾ اهو لفظ صرف انقلابين لاءِ مخصوص هوندو هو پر هاڻي قومي سياست جي نالي ۾ لچائي ڪندڙن لاءِ اهو لفظ ڪتب آندو ويندو آهي. ساڳيءَ طرح سان جڏهن ملڪ ۾ نيب يعني ”احتساب بيورو“ قائم ڪيو ويو ته پوءِ ان لفظ مان اهڙي بوءِ اچڻ لڳي، جهڙي بوءِ دوکي ۽ فراڊ مان ايندي آهي.

ميان نواز شريف هاڻي جيڪا اها سياست ڪري رهيو آهي، جيڪا هو جوانيءَ واري دور ۾ ڪندو هو. هاڻي هو جلسا ڪرڻ بدران مخصوص ماڻهن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. هن کي معلوم آهي ته هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ خلق ڪٺي ڪرڻ سان شهرت ته ملي سگهي ٿي پر حڪومت نه! اهو ئي سبب آهي ته هو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انهن مخصوص شخصيتن سان ملي رهيو آهي، جن وٽ اڳواٽ ئي ميان جو ساٿ ڏيڻ جو پيغام پهتل آهي. ان ڪري نه ته ڪي واعدا آهن ۽ نه وري معاهدا آهن. سڌا سنوان اقتداري اتحاد آهن. اهڙن اقتداري اتحادن ۾ اهي سماجي شخصيتون تيزيءَ سان شامل ٿي رهيون آهن، جن سدائين هوائن جو رخ ڏسي پنهنجي سياسي ڪشتيءَ جا سڙهه سيٽ ڪيا آهن. نسل در نسل اسيمبلين جي زينت بڻجندڙ انهن فردن جي اچ وڃ سان ان وقت ڪو فرق نه پوي ها، جنهن وقت عوامي سياست جو دور هجي ها. هي ته اقتداري سياست آهي. ڀرپور مئنڊيٽ ملڻ واري هڪ مغرور نه پر سيٽ ايڊجسٽ ڪرڻ واري هڪ مجبور سياست! هڪ اهڙي سياست جنهن مان بظاهر پيپلز پارٽيءَ کي آئوٽ ڪيو ويو آهي ۽ پيپلز پارٽي وٽ سياسي بيانيي ۾ صرف مهڻا ۽ ميارون ئي بچيا آهن. ڇو ته هن مهل مسلم ليگ (ن) وانگر پيپلز پارٽيءَ وٽ به ڪو اهڙو معاشي ۽ معاشرتي پروگرام ناهي، جنهن سان ملڪ کي نئين سر سنوارڻ جو ڪوڙو سوڙو واعدو ئي ڪري سگهجي.

عظيم انگريز شاعر ۽ ناٽڪ نويس شيڪسپيئر انسان جي ستن عمرين واري پنهنجي جڳ مشهور ٻولن ۾ انسان جي عمر جي ٻئين اسٽيج کي بيان ڪندي، ان ٻار جو منظر پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ هُو لکي ٿو:

“He creeps like snail, goes unwillingly to School”

يعني: هو هڪ جيت وانگر چري رهيو آهي ۽ خوشيءَ سان اسڪول طرف نه پيو وڃي!

ڪجهه اهڙو منظر آهي، ملڪ جي ان سياسي صورتحال جو، جيڪا هن مهل تائين اڻ تڻ ۾ الجهيل اليڪشن طرف وڌي رهي آهي. هڪ غير واضح ۽ منجهيل ماحول وارين چونڊن ۾ ڪنهن کي ڪيترو حصو ملندو؟ اهو سوال صرف سياسي مبصرن لاءِ نه پر ملڪ جي پراڻين ۽ انهن نين پارٽين لاءِ به آهي، جيڪي 9 مئي کان پوءِ وجود ۾ آيون آهن يا آنديون ويون آهن.

سياست ۽ خاص طور تي اقتداري سياست ۽ اها به هڪ مجبور ۽ مقروض ملڪ جي سياست زندگي ناهي جو ان کي سائي وڻ سان تشبيهه ڏئي سگهجي. هڪ اهڙو سائو وڻ جنهن جي آغوش ۾ پکي آکيرا ٺاهيندا آهن. جنهن جي ڇانوَ ۾ مسافر ٿڪ پٽيندا آهن. پاڪستان جي سياست هڪ اهڙي وهي مڙيل اداڪارا جهڙي آهي، جيڪا ستن رنگن وارو ميڪ اپ ڪري عمر جي اصل حقيقت لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. مسلم ليگ (ن) ته اقتداري اميد سبب ستر سالن ۾ به چهڪي مهڪي ٿي پر پيپلز پارٽيءَ جي جوان مک تي موجود مايوسيءَ کي بدليل بيانيي جو ميڪ اپ به لڪائي نه ٿو سگهي.