حيدرآباد (شوبز نيوز) تيلگو فلمن جي سپر اسٽار آلو ارجن پهريون ڀيرو جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهايو. حيدرآباد جي ٿيٽر “سنڌيا” ۾ “پشپا 2” جي اسڪريننگ دوران ڀاڄ جي واقعي ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هو، حادثو 4 ڊسمبر تي پيش آيو، جنهن ۾ هڪ عورت فوت ۽ سندس پٽ سخت زخمي ٿي پيو هو. جيل مان نڪرڻ وقت آلو ارجن چيو ته “سڀ کان پهريان مان پنهنجي مداحن ۽ هر ڪنهن جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، جن مون سان بيحد پيار ۽ سهڪار ڪيو، مان قانون جو احترام ڪريان ٿو ۽ مڪمل تعاون ڪندس، مقتوله جي خاندان سان تعزيت ڪريان ٿو، اهو هڪ بدقسمت واقعو هو، جيڪو منهنجي ڪنٽرول کان ٻاهر هو”. مان مقتول جي خاندان جي مدد ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، اسان وڃايل زندگين کي واپس نٿا آڻي سگهون پر انهن جو ساٿ ڏيندس، آلو ارجن جي وڪيل اشوڪ ريڊي هن جي گرفتاري کي “غيرقانوني” قرار ڏنو، الزام لڳايو ته جيل اختيارين عدالت جي حڪم جي باوجود هن جي آزاد ٿيڻ ۾ دير ڪئي. تلنگانا هاءِ ڪورٽ، آلو ارجن جي ضمانت منظور ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي صرف هڪ اداڪار هجڻ جي بنياد تي ڊگهي عرصي تائين نظربند نٿو ڪري سگهجي. اهو واقعو آلو ارجن جي اوچتو ٿيٽر جي دوري سبب پيش آيو، جنهن جو اطلاع پوليس ۽ انتظاميا کي نه ڏنو ويو هو
. مقتوله عورت جي مڙس هڪ شڪايت داخل ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ آلو ارجن، سندس سيڪيورٽي ٽيم ۽ ٿيٽر انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.