سڪرنڊ: شھيدن جي وارثن مٺل خان جلباڻي، راڻو خان جلباڻي، علي نواز جلباڻي ۽ باغ علي جلباڻي  چيو آهي ته  وڏي وزير پاران جيڪا ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ان مان اسان کي ڪا به  اميد ناھي، ڇو جو اسان تڏي تي ٻئي ڏينهن  سوڳ ۾ ھياسين ته  اسان کي نواب شاهه  سرڪٽ هائوس ۾ گھرايو ويو، اسان پنهنجو چٽو موقف ڏنو آهي ته  اسان جا نوجوان  بيگناھ  شھيد ڪيا آهن، ان ڪري اسان گھر ٿا ڪريون ته ھاءِ ڪورٽ جي جوڊيشل ڪاميٽي جوڙي وڃي انڪواري  ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي.

سڪرنڊ:  جسم اڳواڻ رياض چانڊيو ڳوٺ ماڙي جلباڻي شھيدن تي تڏي تي پھچي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  سنڌين سان ظلم جي انتھا آهي حساس ادارن ۽ پوليس سرعام سڪرنڊ ڀرسان ماڙي جلباڻي ۾ ڏينهن  ڏٺي  قتل ڪيو آهي، ليڪن  نگران حڪومت جي گهرو وزير پنجاب جي ڊوميسائيل تي ڊيوٽي ڪندڙ ھنن مظلومن ۽ گاهه ڪندڙ ھارين کي بمبار چئي قتل جو اعتراف ڪيو آهي، اسان جي سنڌ جا جوان ڪڏهن  به  بمبار نٿا ٿي سگهن ، اسان جا سنڌي ھاري مزدور پوريو ڪري گذر صفر ڪرڻ وارا شھيد ڪيا ويا آهن  ھن چيو ته شھيدن جا وارث ۽ اسان وڏي وزير جي سرڪاري ڪميٽي کي نٿا مڃون، اسان جلباڻي شھيدن جي وارثن سان گڏ آهيون، روڍن رستن تي گڏ ھونداسين ، اسان جو مطالبو آهي ته جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي وڃي، ايف آءِ آر کي ٻه ڏينهن  ٿي ويا آهن  پر اڃان تائين پوليس ڪا به اڳڀرائي نٿي ڪري، ان ڪري اسان حڪومت کي چار ڏينهن مھلت ٿا ڏيون ته قاتل ظاھر ڪري مجرم گرفتار ڪيو وڃي جي نه  ته  اسان سڀ قومپرست ۽ سنڌ جي عوام سان گڏجي روڊ رستا شھر بند ڪري سخت احتجاج ڪنداسين.