مقبول فلمن جي هدايتڪار دپيڪا کي آئوٽ ڪري عاليا کي فلم لاءِ ڪاسٽ ڪري ورتو

0
392

ممبئي(شوبز نيوز)هندستان جي فلمن جو مشهور هدايتڪار سنجي ليلا ڀنساني جنهن بالي ووڊ ۾ بهترين فلمون ڏنيون جنهن ۾ مشهور فلمن ۾ ”رام ليلا“،”رائو مستائي“ ۽ ”پدماوت“ شامل آهن. انهن فلمن ۾ کي ڪامياب ڪرڻ ۾ دپيڪا پڊڪون جو ڪردار پڻ اهم آهي. ان باوجود به هدايتڪار نئين فلم ٺاهي رهيو آهي جنهن ۾ دپيڪا بجاءِ عاليا بٽ کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ مطابق هدايتڪار ۽ دپيڪا ۾ سرد جنگ جاري آهي جنهن بعد سنجي ليلا پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”گنگو بائي ڪاٺياواري“ واري عاليا بٽ کي ڪاسٽ ڪيو ڪري ڇڏيو.