جھمپير، ميٽنگ، ۽ اونگر جي علائقن ۾ ڦهليل ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ جي اهم قدرتي وسيلن مان هڪ وڏو وسيلو آهن. هتي لڳ ڀڳ ٻه هزار کان وڌيڪ ڪوئلي جون کاڻيون آهن، جتان روزانو ستر هزار ٽن کان وڌيڪ ڪوئلو نڪري ٿو، جيڪو ملڪ جي مختلف حصن ۾ توانائي جي ضرورتن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ان مان روزانو پنجاهه ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ڪاروبار ٿئي ٿو، جيڪو عام طور تي ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هجڻ گهرجي. پر ھي سمورو نظام ڪرپشن، ناقص منصوبابندي، ۽ استحصالي پاليسين جي ور چڙهيل آهي. بظاهر ته جھمپير ڪوئل فيلڊ ترقي جو هڪ وڏو منصوبو نظر اچي ٿو، پر هتي رهندڙ مقامي ماڻهو انهن وسيلن مان ڪو به فائدو حاصل نه ڪري سگهيا آهن.
ڳوٺن جي حالت – ترقي بدران بدحالي
جھمپير ڪوئل فيلڊ جي ڀرپاسي ڪيترائي ڳوٺ موجود آهن، جن مان ڪي قابل ذڪر هيٺيان آهن:
- ڳوٺ لطيف چانگ – 500 گھر
- ڳوٺ محمد يعقوب بروهي – 300 گھر
- ڳوٺ اسماعيل خاصخيلي – 250 گھر
- ڳوٺ حاجي لشڪري پالاري- 50 گھر
- ڳوٺ حاجي بچايو چانگ- 100 گھر
- ميٽنگ جي علائقي ۾ ٻٻر برادري جا ڳوٺ – 1000 کان وڌيڪ گھر
- ڳوٺ طيب ٻٻر- 600 گھر
اهي سڀ ڳوٺ ڪوئلي جي ڪمپنين جي بلڪل ڀرسان آهن، پر افسوس جو هتي بنيادي سهولتون جهڙوڪ صاف پاڻي، صحت جون سهولتون، يا تعليم جا موقعا موجود نه آهن. مقامي ماڻهو غربت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته سندن ڌرتي مان اربين روپين جي آمدني ٿئي ٿي.
غيرقانوني کاڻيون ۽ ڪرپشن
جھمپير ڪوئل فيلڊ ۾ سوين ايڪڙن تي غيرقانوني کوٽائي جاري آهي. گهڻا ڀوتار، سرڪاري عملدار, رٽائرڊ فوجي آفيسر ۽ بااثر ماڻهو بنا لائسنس جي کاڻيون هلائي رهيا آهن، جتان ڪوئلو ڳجهي طريقي سان وڪرو ٿئي ٿو. مقامي پوليس، ڪول مائينز ڊولپمينٽ کاتي جا آفيسر ۽ سياستدان هر مهيني لکين روپيا ڀتو وٺن ٿا، پر علائقي جي ماڻهن لاءِ ڪا به سھولت ناھي, قدرتي وسيلن جو بي انتها استعمال ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته مقامي ماڻهو پنهنجي ئي زمين تي اجنبي بڻجي چڪا آهن. زميندارن جون زرخيز زمينون تباهه ٿي ويون آهن، پر انهن کي ڪنهن به قسم جو معاوضو نه ملي رهيو آهي.
مزدورن لاءِ بنيادي سهولتن جي کوٽ
ترقي يافته ملڪن ۾ وسيلن جي کوٽائي لاءِ مزدورن جي تحفظ کي اوليت ڏني وڃي ٿي، پر جھمپير ۾ صورتحال بلڪل ابتري جو شڪار آهي. مزدورن لاءِ نه ڪا ڊسپينسري، نه ايمبولينس، ۽ نه حفاظتي سامان موجود آهي. نتيجي ۾ هر سال ڪيترائي مزدور حادثن ۾ مارجي وڃن ٿا، پر انهن جي وارثن کي معاوضو به نه ملي سگهندو آهي.
تازا حادثا
* 5جولاءِ 2022ع تي ميٽنگ لڳ برساتي پاڻي مائينز ۾ وڃڻ سبب 10 مزدور دٻجي فوت ٿي ويا.
* 23 جون 2022 تي جھمپير لڳ فخرالزمان ڪول مائينز ۾ انتظاميا جي غلط پلاننگ سبب محمد اڪرم ۽ شير خان بروهي دٻجي فوت ٿي ويا. اهي ٻئي مزدور پنھنجي گھرن جا واحد ڪمائيندڙ هئا، پر سندن وارثن کي ڪوبه مناسب معاوضو نه مليو.
ماحولياتي تباهي ۽ سرڪاري بيحسي
* ڪوئلي جي کوٽائي سبب علائقي جي ماحوليات تباهه ٿي رهي آهي.
* پاڻي جا ذخيرا گدلاڻ جو شڪار آهن، ۽ مٽيءَ جي سخت گدلاڻ سبب مقامي ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.
* سنڌ جو ماحولياتي کاتو ڪرپشن ۾ وڪوڙيل آهي ۽ ڪو به اثرائتو قدم نه ٿو کنيو.
ٽرانسپورٽ جا مسئلا – تباهه ٿيل روڊ
جھمپير ڪوئل فيلڊ مان روزانو 300 کان وڌيڪ ٽرڪون ڪوئلو کڻي جھمپير- حيدرآباد لنڪ روڊ استعمال ڪن ٿيون. اهي وزني ٽرڪون لنڪ روڊ کي مڪمل طور تي تباهه ڪري چڪيون آهن ۽ عام ماڻهن لاءِ سفر ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي.
سوشل ريسپانسبلٽي فنڊ
ڪمپنين تي لازم آهي ته اهي مقامي ماڻهن جي فلاح لاءِ سوشل ريسپانسبلٽي فنڊ مان ترقياتي ڪم ڪن، جيئن ته: اسڪول، اسپتالون، روڊ، وغيره جڙي سگهن. پر افسوس جو هي فنڊ به ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ مقامي ماڻهو بغير ڪنهن سهولت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. جيڪڏهن ڪو مزدور يا مقامي ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري ته مٿس ڪوڙن ڪيسن ذريعي دٻاءُ وڌو وڃي ٿو. مقامي سياسي قيادت به خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڇو ته سندن ذاتي مفاد طاقتور ماڻهن سان جڙيل آهن. حڪومت کي فوري طور تي هيٺيان قدم کڻڻ گهرجن:
- مزدورن لاءِ مناسب حفاظتي سهولتون مهيا ڪيون وڃن.
- غيرقانوني ڪوئلي جون کاڻيون بند ڪيون وڃن.
- سوشل ريسپانسبلٽي فنڊ جو صحيح استعمال يقيني بڻايو وڃي.
- مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، ۽ ٻاهران مزدورن کي آڻڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.
- حفاظتي قانونن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ جاني نقصان نه ٿئي.
- ريلوي ٽريڪ جي ويجهو غيرمحفوظ کوٽائي روڪي وڃي.
- جھمپير – حيدرآباد لنڪ روڊ ٻيهر تعمير ڪيو وڃي، ڇو ته وزني ٽرڪن سبب تباهه ٿي چڪو آهي.
سنڌ ۾ ڪوئلي جي کوٽائي ۽ استحصال کي نظر ۾ رکندي حڪومت Sindh Coal Mining Concession Rules-2020 متعارف ڪرايو آھي، جنهن جو مقصد ڪوئلي جي وسيلن جو شفاف انتظام، مقامي ماڻهن جا حق، ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آھي. پر ھتي حالت حقيقت ۾ بلڪل مختلف نظر اچي ٿي، ڇو ته،
- آرٽيڪل 5 مطابق، ڪوئلي جي کوٽائي کان اڳ مقامي ماڻهن جي رضا مندي ضروري آهي، پر جھمپير ۽ ميٽنگ ۾ ڪا به مقامي مشاورت نه ٿي آهي.
- آرٽيڪل 12 تحت، مزدورن لاءِ حفاظتي تدبيرون، انشورنس ۽ طبي سهولتون ضروري آهن، پر عملي طور تي مزدور انتهائي خراب حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا.
- آرٽيڪل 25 موجب، ڪوئلي جي کاڻن مان حاصل ٿيندڙ رائلٽي جو حصو علائقي جي ترقي تي خرچ ٿيڻ گهرجي، پر اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿي رهيا آهن، ان بابت ڪو شفاف نظام موجود ناهي.
Sindh Coal Mining Concession Rules-2020 موجب، ڪوئلي جي ڪمپنين مقامي آبادي لاءِ ڪجهه بنيادي ذميواريون رکيل آھن
* پاڪ صاف پاڻي جي فراهمي
* تعليم ۽ صحت جون سهولتون
* ماحولياتي تحفظ لاءِ قدمن تي عمل
* روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ
پر حقيقت اها آهي ته ڪمپنيون انهن قانوني ذميوارين تي عمل نٿيون ڪن. مقامي آبادي کي نه صرف بنيادي سهولتون نٿيون ملن پر انهن جا مسئلا مسلسل وڌي رهيا آهن./ڏسو صفحو 7 بقايا 01
* ڪيترين ئي ڪمپنين وٽ ڪوئلي جي کوٽائي جو صحيح لائسنس به نه آهي پر اهي کوٽائي جاري رکندا پيا وڃن. غيرقانوني کاڻين مان نڪرندڙ آلودگي جو ڪو به حساب ڪتاب نـ آهي.
* مزدورن جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي جي باوجود ڪنهن به ڪمپني تي وڏو ڏنڊ يا قانوني ڪارروائي نظر نه آئي آهي.
سنڌ حڪومت وٽ هيٺيان اختيار آهن، جن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي:
- سختي سان قانوني چڪاس ڪئي وڃي ته ڪهڙيون ڪمپنيون Sindh Coal Mining Concession Rules-2020 تحت عمل ڪري رهيون آهن ۽ ڪهڙيون نه.
- رائلٽي جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن علائقي ۾ ترقياتي ڪم ٿي سگهن.
- ماحولياتي نقصان جو جائزو وٺي ذميوار ادارن تي ڏنڊ وڌا وڃن!
جھمپير ڪوئل فيلڊ سنڌ جي معيشت لاءِ هڪ وڏو موقعو آھي پر ڪرپشن، ناقص انتظام، ۽ مزدورن سان ٿيندڙ زيادتين سبب هي علائقو بدحالي جو شڪار آهي. جيڪڏهن فوري طور تي سنجيده قدم نه کنيا ويا ته نه صرف مزدورن ۽ مقامي ماڻهن جو معاشي مستقبل خطري ۾ پوندو، پر هن خطي جي ماحوليات به تباهه ٿي ويندي. حڪومت کي هاڻي جاڳڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون وينديون.