حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي راهوڪي پوليس مبينا طور پورهيت کي ٿاڻي تي گهرائي داٻا ڏنا آهن ته زمين جي مقاطي تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳيندين. زمين مقاطي تي کڻندڙ پورهيت عبيدالله سولنگي گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سياسي سماجي ڪارڪن شبيرلغاري، ياسين آرائين، راشد سولنگي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آھي ته هڪ مهيني کان ايس ايچ او راهوڪي قربان عاقلاڻي ٿاڻي تي گهرائي چيو ته زمين ڪنهن ڪمپني حوالي ڪئي پئي وڃي، زمين خالي ڪريو، جنهن تي اسان فارم مالڪ سان رابطو ڪيو جنهن مئنيجر محمد امين کرل سان رابطي لاءِ چيو جنهن لکت ۾ ٿيل معاهدي کي رد ڪندي زمين خالي ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪو عمل غيرقانوني ۽ غيراخلاقي پڻ آھي. هن چيو ته ايس ايچ او قربان عاقلاڻي ڌمڪين تي لهي آيو آھي، جيڪڏهن کيس ڪجھه به ٿيو ته ان جا ذميوار ايس ايچ او قربان عاقلاڻي، فارم مالڪ ميان خورشيد منو، سندس مئنيجر محمد امين کرل، قربان کرل ۽ زمان کرل هوندا. هن چيو ته ڄاڻايل معاملي بابت قانون جو در کڙڪايو ويندو، جلد عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي.