مفت ۾ ماني نه ڏيڻ تان پوليس اهلڪارن جو هوٽل مالڪ ۽ پورهيتن تي تشدد

0
74

ڀريا روڊ ۾ پڪا چانگ روڊ تي واقع هوٽل جي مالڪ ۽ ملازمن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته اهلڪارن مفت ۾ ماني گهري، جيڪا نه ڏيڻ تان تشدد جو نشانو بڻايو ويو

هوٽل جي ملازمن پوليس خلاف ڌرڻو هڻي لنڪ روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي

مظاهرين الزام هنيو ته پوليس اھلڪارن ماني کائي چانهن پيتي، پئسا گھرڻ تان سخت تشدد ڪيو، هوٽل ۾ڀڃ ڊاهه ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون

هوٽل مالڪ الزام هنيو ته بدمست اھلڪارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته شٽربند هڙتال ڪنداسين