مفادن جي سياست: محمود ۽ اياز، آصف ۽ نواز هڪ ئي صف ۾!

0
135
مفادن جي سياست: محمود ۽ اياز، آصف ۽ نواز هڪ ئي صف ۾!

 آمريڪي صدر آئزن هاور 1959ع ۾ هڪ خير سگالي وفد روس موڪليو هو، تڏهن خروشيف روس جو صدر هو. ان وفد ۾ پيپسي ڪولا جو نائب صدر ڊونلڊ ڪينڊل به شامل هو. ان ڪنهن ريت اجازت حاصل ڪري ورتي ۽ ماسڪو جي نمائش ۾ پيپسي جو اسٽال لڳي ويو. خروشيف جڏهن نمائش جو دورو ڪرڻ آيو ته ڪينڊل ان کي پيپسي پيش ڪئي. خروشيف کي اها تمام گهڻي پسند آئي، ان ٻيو گلاس به پيتو ۽ اهڙيءَ ريت پيپسي کي روس ۾ راهداري ملي وئي. مسئلو اهو هو ته تڏهن ڪميونسٽ روس جي ڪرنسي روبل يورپ ۽ آمريڪا ۾ قبول نه ٿيندي هئي، ان ڪري پيپسي پنهنجي سپلاءِ جي معاوضي ۾ روسي “ووڊڪا” وٺڻ شروع ڪئي. ڪجهه ئي سالن ۾ روس ۾ ووڊڪا جي وڪري کان پيپسي اڳتي نڪري وئي. گورباچوف جي دور ۾ به روس پيپسي کي ٽي ڪروڙ ڊالرن جي عيوض 17 آبدوزن، تمام گهڻن ڪروز ۽ فريگيٽ کانسواءِ نيوي جا ڪيترائي جهاز پڻ ڏنا. پيپسي وٽ سمورن عرب ملڪن کان وڌيڪ نيوي گڏ ٿي وئي. پيپسي وارن بهرحال دنيا جي وڏن ڪٻاڙخانن ۾ اهو سڀ ڪجهه وڪڻي پنهنجا پئسا ڪڍي ورتا ۽ اها سمجهاڻي ڏنائون ته جتي اهو “مٺو زهر” وڪڻي ڪم هلائي سگهن ٿا، اتي هو هٿيار ڇو وڪڻن؟

ڪئين ڏهاڪا اڳ سياست ۾ ڪنهن حد تائين نظرئي جو هٿيار هلندو هو. کاٻي ڌر جي نظرياتي سياست ان جو مثال آهي. پيپلز پارٽي جو شروعاتي دور ڪنهن حد تائين نظرئي (ڪهڙو به سهي) سان هٿياربند ڪارڪنن جو دور هو پر پوءِ سياست ۾ ڦيرو آيو ۽ نظرياتي هٿيار رياست جي ڪٻاڙخانن ۾ وڪرو ٿي ويا ۽ مٺو زهر مروج ٿي ويو، ڇو ته سياستدانن اهو سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن مصلحتن ۽ مفاهمتن جي مٺي زهر سان مفادن جو ڪم هلي سگهي ٿو ته پوءِ نظرئي جي هٿيار جو “جوکم” ڇو کڻجي؟ اهي ته 80ع واري ڏهاڪي ۾ ضياءَ جي آمريت دوران شهيد عبدالرزاق جهرنا جهڙا جيالا هئا، جيڪي رقص ڪندي، نعرا هڻندي ڦاسي گهاٽ ڏانهن ويندا هئا. هاڻي ته سياست ۾ مٺو زهر مروج ٿيڻ کانپوءِ جيڪو “ڪوءِ يار” کان نڪري ٿو، اهو “سوءِ دار” نٿو وڃي ۽ تڏهن کان وٺي ملڪ ۾، خاص طور تي پنجاب ۾ دار جو منظر ويران آهي.

30 آڪٽوبر 1967ع تي لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي گهر پيپلز پارٽي جو جنم ٿيو هو، ان حوالي سان پ پ جي جنم ڀومي پنجاب آهي پر پوءِ پنجاب کي پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن لاءِ مقتل گاهه بڻايو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ محترما بينظير ڀٽو جا لاش سنڌ ڏانهن اماڻيا ويا. پيپلز پارٽي جو وجود جنهن دور ۾ پيو، اهو ايوب خان جو دور هو. ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي قائم ڪيل ڪنوينشن مسلم ليگ ۾ پڻ رهيو ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري هو. چونڊن ۾ ايوب خان سان محترما فاطمه جناح جي مقابلي ۾ ڀٽو، ايوب خان جو چيف پولنگ ايجنٽ پڻ هو. کيس گهڻي شهرت پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ ملي. تاشقند معاهدي کانپوءِ ايوب خان سان اختلاف ڪري هن پرڏيهي وزارت ڇڏي ۽ سياست جي ڌار ديڳڙي چاڙهي. شروعات ۾ پيپلز پارٽي ترقي پسند ۽ عوام دوست جماعت جي صورت ۾ اڀري. سڄي ملڪ، خاص طور تي پنجاب جي وسندين ۽ واهڻن مان “اب راج ڪريگي خلق خدا” جا نعرا گونجڻ لڳا. سنڌ ۽ پنجاب ۾ ته اها جماعت ڇانئجي وئي. پيپلز پارٽي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ تازي هوا جي ٿڌڙي هير بڻجي آئي. ان جو ترقي پسند پارٽيءَ وارو پروفائل جڙيو. رجعت پسند سياست لاءِ اها چئلينج بڻجي وئي، جنهنڪري قدامت پسند ۽ مذهبي ڌرين ان جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، 70ع وارين عام چونڊن کان اڳ اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي 27 مفتين اها فتوا جاري ڪئي ته پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ نسورو ڪفر آهي. فتوا بازيءَ جي ان طوفان باوجود پيپلز پارٽي اولهه پاڪستان ۾ ميدان ماري وئي، جنهن کي باقي بچيل پاڪستان جو اقتدار ان خوف ۾ ڏنو ويو ته بنگلاديش ٺهڻ ۽ 93 هزار پاڪستاني فوجين جي قيدي بڻجڻ جي ڪري متان ڪا وري فوجي بغاوت ٿئي. غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ غلام مصطفيٰ کر شروع کان ئي شهيد ڀُٽي سان گڏ ڪم تي لڳايا ويا، جن پارٽيءَ کي جاگيردارن لاءِ هائجيڪ ڪرڻ جي راهه کولي (هونئن ته ڀٽو صاحب پڻ ان ئي طبقي سان تعلق رکندڙ گهراڻي جو فرد هو پر سندس والد سر شاهنواز ڀُٽو سياسي شخصيت پڻ هو، جنهن سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو) ۽ پوءِ ٽڪا خان جي سِر وڃائڻ جهڙين صلاحن رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي، جو جڏهن بيگم نصرت ڀٽو جيل ۾ ملاقات دوران شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته، “پويان توهان ڪا بالشويڪ پارٽي ڇڏي نه آيا آهيو، جنهن جي اکين ۾ انقلاب جو خواب جاڳندو هجي”. ان مان اها خبر پوي ٿي ته شهيد ڀُٽي کي ان جي اوائلي سياسي نظرئي ۽ نظرياتي ڪارڪنن کان پري ڪري پارٽيءَ جي حالت ڇا ڪئي وئي هئي! دراصل شخصيتن جي موت کان وڌيڪ المناڪ نظرين جو موت هوندو آهي. پيپلز پارٽي تڏهن ئي مري وئي هئي، جڏهن ان جو نظرياتي موت ٿيو هو، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سياسي انا جو “مائونٽ ايورسٽ” هو، جنهن آخر تائين هن ملڪ جي جابر قوتن ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي آڻ نه مڃي. ذوالفقار علي ڀٽو اين آر او وٺي ها ته سندس حياتي بچي وڃي ها، پر ان اين آر او وٺي جلاوطن ٿيڻ جو سودو نه ڪيو ۽ پوءِ جي دور ۾ پيپلز پارٽي اين آر او ۽ سوديبازي تحت اقتدار وٺندي رهي آهي ۽ پوءِ به حيرت اها آهي جو وڏي فخر سان پ پ قيادت اهو چوي ٿي ته اهي شهيد ڀُٽي جي مشن کي تڪميل تي پهچائي رهيا آهن. هاڻي پيپلز پارٽي ۾ نظرياتي هٿيار نه، رڳو مفادن جو مٺو زهر وڪرو ٿي رهيو آهي. بلاول ۽ آصف زرداريءَ جي بيانن مان پيڙهي وڇوٽيءَ جو واضح تفاوت نظر اچي پيو. اليڪشن سياست ڪندڙ ڪابه پارٽي عوام دوست سياست جو مهانگو وکر نٿي وِهائي، هاڻي ته ملڪ جي سياست ۾ “ايشيا سرخ هي” جهڙا نعرا به نٿا لڳن، ڇو ته جن سرخن جي ڏڍ تي اهي نعرا لڳندا هئا، اهي پاڻ ئي رنگ مٽائي ويا آهن.

هونئن ته ملڪ جي غير نظرياتي سياست جي اليڪشني حمام ۾ سڀ هڪ جهڙا آهن. محمود ۽ اياز، آصف ۽ نواز هڪ ئي صف، اقتدار لاءِ ايلاز ڪندڙن جي صف ۾ بيٺل نظر ايندا…! پر ميان نواز شريف جهڙي ريت جهڪندو رهيو آهي، سياست ۾ اهڙي پَستي شايد ڪنهن ٻئي جي نصيب ۾ نه آئي هجي! هاڻي به موصوف ڊيل ڪري پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي رهيو آهي. پنهنجي موقف تان يو ٽرن وٺڻ ته عمران خان جي سڃاڻپ هئي، پر ميان صاحب جي ان حوالي سان ڪوبه همسري ڪري نه سگهندو. پرويز رشيد جو اهو ٽوئيٽ ڀلا ڪنهن کان وسريو هوندو، جنهن ۾ هن اهو ڄاڻايو هو ته، “ميان صاحب جي هڪ ويجهي عزيز کي (اسٽيبلشمينٽ طرفان) ڊيل لاءِ ميان صاحب ڏانهن موڪليو ويو هو، جنهن کي ميان صاحب چيو ته عوام جي حقن جي جدوجهد ۾ ڪيترائي تابوت سنڌ مان نڪتا، ڪيترائي بلوچستان ۽ سرحد مان نڪتا، جيڪڏهن اهو مقصد (عوام جي حقن جي جدوجهد) حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ تابوت پنجاب مان نڪتو ته آئون فخر محسوس ڪندس”. پنهنجي ان ئي ٽوئيٽ جي آخر ۾ پرويز رشيد لکيو آهي ته، “الله تعاليٰ نواز شريف کي صحت ڏي….. آمين”. (اها بهرحال خبر ناهي ته پرويز رشيد جو اهو آخري جملو طنز تي ٻڌل آهي يا وري حقيقي دعا).