ڪرمپور/خانپور (نمائندن وٽان) بلوچستان واسي مغوي ٽرڪ ڊرائيور قاسم بروھي، قدير بروھي ۽ جلال الدين جي بازيابي لاءِ سنڌ بروھي اتحاد جي سڏ تي بروھي برادري جي سوين ماڻھن خانپور ويجھو انڊس ھاءِ وي تي فيضو اسٽاپ وٽ مظفر بروھي، محمد نواز بروھي، حاجي محمد نواز بروھي، عبدالحفيظ بروھي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ سياسي سماجي، مذھبي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن مولانا عنايت الله بروھي، حافظ عزيز الله پھوڙ، ولي الله پھوڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني جي باهه ۾ ٻري رھي آھي، جڏهن ته رياست امن وامان بحال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رھي آھي، هنن چيو ته پنج ڏينھن ٿي ويا آھن پر مغوي بازياب ناهن ٿيا، هنن مغوي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي، ٻئي طرف شڪارپور پوليس ڌرڻي واري ھنڌ پھچي اڳواڻن سان ھڪ ڪلاڪ ڳالھيون ڪري مطمئن ڪيو ته اوھان جا ماڻهو اسان جي حد مان اغوا ناھن ٿيا، جنهن ضلعي مان اغوا ٿيا آھن، ڌرڻو ان ضلعي ۾ ھڻو، جنهن بعد بروھي اتحاد جي اڳواڻن فيضو اسٽاپ وٽ ڌرڻو ختم ڪري ڪرمپور ڀرسان بگن لاڙو پھچي 5 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو، ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ ۽ ايس ايچ او ڪرمپور ڳالهين لاءِ پهتا پر اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو ڌرڻي ۾ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ايس ايس پي روحل کوسو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ امن لاءِ پر اميد آھيون، فتح جو دارومدار نيت تي هوندو آهي، پوليس جا حوصلا بلند آھن، ھر چيلينج کي منھن ڏينداسين، هن چيو ته آءِ جي سنڌ علائقي کي ڏوھارين کان صاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، تمام جلد پاڪ فوج ۽ رينجرز سان گڏ نه صرف ڪچو پر پڪي تي به آپريشن ڪيو ويندو، هن چيو ته ساگر ڪمار جلد توھان ۽ اسان جي وچ ۾ ھوندو.