اوٻاوڙو (رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو شهر ۾ بدامني ۽ استاد جي اغوا خلاف شهرين ۽ پنهور برادري جي ماڻهن شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ۽ 15 ڏينهن اڳ بشيرآباد کان اوٻاوڙو ويندي اغوا ٿيل پرائمري استاد عبدالغني پنهور کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي، ان موقعي تي علي حسن پنهور، مصطفي پنهور، عبدالغفار پنهور، ڪپڙا مارڪيٽ جو صدر شبير احمد ملڪ ٻين جو چوڻ هو ته 15 ڏينهن کان استاد ڏوهارين وٽ قيد آهي جنهن لاءِ ڏوهارين وارثن کي فون ڪري 2 ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو  آهي، هنن چيو ته پوليس هن مهل تائين استاد کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، جنهن ڪري مغوي جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، هنن چيو ته 15 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به پوليس عملدار وارثن وٽ لڙي ناهي آيو، مجبور ٿي شهر بند ڪرائي ڌرڻو هنيو آهي، هنن مغوي کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، هوڏانهن ڊي ايس پي اوٻاوڙو چيو ته پوليس ٽيڪنڪ ذريعي مغوي جي بازيابي لاءِ ڪم ڪري پئي، مغوي کي صحيح سلامت بازياب بازياب ڪرائڻ چاهيون ٿا، هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي پنهور برادري جي چڱي مڙس مولابخش پنهوار کي ساڻ ڪري ڌرڻي واري هنڌ پهچي 2 ڏينهن جي مهلت گهرندي 3 ڪلاڪ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪرائي شهر کولرائي ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 2  ڏينهن اندر مغوي بازياب نه ٿيو ته ٻيهر قومي شاهراهه بند ڪيو ويندو.