ڪشمور/ ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به مغوين جي بازيابي لاءِ ڪاروبار بند ڪري هڙتال، سنڌ پنجاب بلوچستان دنگ وٽ ڌرڻو، قومي شاهراهه بند، ٽريفڪ معطل، هزارين گاڏيون بيهجي ويون، احتجاج جاري رکڻ جو اعلان، ڪشمور ۾ ٻئي ڏينهن به ڪاروباري مرڪز بند رکي هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ پنجاب، بلوچستان دنگ ڊيرا موڙ وٽ قومي شاهراهه تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري مکي نريش ڪمار جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري قومي شاهراهه بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج ۾ سياسي سماجي تنظيمن ھندو پنچائت، ايس ٽي پي، سٽيزنس ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي، شھري اتحاد، شھري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ شھرين سميت مختلف برادرين مزاري، جکراڻي، چاچڙ، سومرا، ملڪ ۽کوسا برادري جي ھزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، جنهن دوران شاھي بازار، مين بازار، صرافا بازار، گھنٽاگھر چوڪ، ڪشمور روڊ، شوروم مارڪيٽ، موبائيل مارڪيٽ بند رھيا، جڏهن ته سوين شھرين، سياسي سماجي اڳوان ۽ ڪاروباري طبقي توڙي مزدورن نندلال، ڊاڪٽر ميھرچند، ھريش ڪمار، انجنيئر موٽواڻي، گھنشام داس، درپن ڪمار، سنتوش اگروال، فقير گوڪل داس، وڪيل عبدالغني بجاراڻي، حاجي حضور بخش مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته احتجاجي ڪيمپ پڻ قائم ڪئي وئي، بخشاپور ۽ بڊاڻي ۾ هندو برادري پاران ٻيئ ڏينهن به مڪمل طور ڪاروباري مرڪز بند ڪري هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته پاٺشالا مندر کان استاد مولچند، مظهر حسين چاچڙ، ميلو سنگھه، ڊاڪٽر گرمک داس، روهيت ڇاٻڙيا، لال داس سوني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، غوثپور ۾ ٻئي ڏينھن به بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت جي سڏ تي شھر ۾ ھڙتال ڪئي وئي، جنهن دوران ڪاروباري مرڪز شاھي بازار، دولي چوڪ، نار بازار، مندر گلي سميت مارڪيٽ بند رهيا، جڏهن ته ھندو پنچائت طرفان مکي سريش، ڊاڪٽر سندر بالاڻي، چوڌري رميش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، احتجاج ڪندڙن چيو ته ڏوھاري ٽولا پوليس لاءِ چيلنج بڻجي چڪا آھن، هنن چيو ته ڌاڙيل مغوين جي بازيابي لاءِ 10 ڪروڙ ڀنگ گهري رهيا آهن، مغوين جي گھرن ۾ قيامت برپا ٿيل آھي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن چيو ته اسان کي حيرت آهي ته پوليس ڏوهارين جي خاتمي ڪرڻ ڇو لنوائي رهي آهي، هنن چيو ته اڍائي مهينن کان مکي جگديش ڪمار، نينگر جئديپ ڪمار، ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، دودو سومرو، طارق ڀٽو ۽ ٻيا ڌاڙيلن وٽ قيد آهن پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، ڏوهاري مغوين جون تشدد واريون ويڊيو وائرل ڪري پريشان ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته ڏوھارين جا سرپرست ڀوتار، سردار ۽ وڏيرا آهن، جن خلاف پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن، مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور ضلعي جي پوليس ڪي به جوڳا اپاءَ نه پئي وٺي، هنن چيو ته ھندو برادري جا نينگر توڙي پيرسن اغوا ڪري پاڪستان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته سمورا مغوي بازياب ڪرائي فوجي آپريشن ڪري ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آندو وڃي.