ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ، پنجاب، بلوچستان دنگ تي هندو پنچائت جي سڏ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو، شٽربند هڙتال، 25 کان وڌيڪ شهرن ۾ ريليون، روڊ بند، ايس ايس پي سان ڳالهيون ناڪام، پهريان مغوي بازياب ڪرايو، پوءِ روڊ کولينداسين، اڳواڻن جو جواب، زين شاهه، صنعان قريشي ۽ ٻيا احتجاج ۾ شريڪ، خبر موجب ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿي ويل مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ پنجاب بلوچستان دنگ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، جنهن ڪري ٽنهي صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ٻين قافلن جي صورت ۾ ڌرڻي ۾ پهچي شرڪت ڪئي، زين شاهه چيو ته ڪشمور سميت پوري سنڌ ۾ پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ شھرين کي اغوا ڪرڻ جو ڪاروبار عروج تي پهچي چڪو آهي، ڪچي ۽ پڪي جي سڀني ڏوهارين خلاف فوجي آپريشن ڪرائي شھرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ھنن چيو ته ڪشمور ضلعو پوري سنڌ ۾ نوگو ايريا بڻجي ويو آهي، ڌرڻي جي صورت ۾ عوام جاڳي پيو آهي، امن امان جي صورتحال قائم ڪرائڻ سميت پنھجا حق وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي، ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ، اڳوڻو وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر دوست محمد مزاري پهچي ڌرڻو هڻي ويٺل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ناڪام ٿي ويون، ايس ايس پي ۽ ٻين طرفان چيو ويو ته روڊ کولي ٽريفڪ بحال ڪئي وڃي، جنهن کي ھندو پنچائت ۽ سياسي سماجي اڳواڻن رد ڪندي چيو ته پهريان مغوي بازياب ڪرايو پوءِ روڊ کولينداسين، ڪنڌڪوٽ ۾ هندوپنچائت جي سڏ تي چوٿين ڏينهن به هڙتال ڪئي وئي، جنهن دوران گهنٽاگهر چوڪ، ڊي سي روڊ، صرافا بازار، مين بازار سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته احتجاجي ڪيمپ تي ڊاڪٽر ميهرچند، مکي سريش، ظريت بجاراڻي، بابو عيساڻي، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاهاڻي، اي ڪي اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري رهيو، ڪرمپور ۾ هندو پئنچائت جي سڏ تي مغوين جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، هندو پنچائت اڳواڻ مکي نانڪ رام چيو ته جيستائين مغوي بازياب نه ٿيندا هڙتال جاري رهندي، هوڏانهن حيدرآباد ۾ سنڌ سجاڳ نوجوان اتحاد جي سڏ تي قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ تي تاج جويو، پنهل ساريو، ذوالفقار هاليپوٽو، مشتاق ميراڻي، نذير قريشي، سنڌو نواز گهانگهرو، وقار ملاح، مهراڻ ڀٽو، ڪامران سولنگي، ايڊووڪيٽ شبير مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ميرپور خاص ۾ سول سوسائٽي ۽ آل پاڪستان دراوڙ اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، لاڙڪاڻو سول سوسائٽي طرفان جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڊاڪٽر مظهر مغل، عبدالحفيظ سامٽيو، استاد خالد چانڊيو، ساگر ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ رئوف ڪورائي، قادربخش ڪمانگر ، ارسلان حبيب چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ سياسي سماجي، قومپرست پارٽين جي اڳواڻن، واپارين، وڪيلن، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٻئي پاسي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس جي شاگردن شوڪت ملڪ، سيف الله مخدوم، اعظم بهلڪاڻي، نويد عالماڻي، نوشاد باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ٽنڊوالهيار ۾ جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ باغي ڪالرو، وقار بوزدار ۽ شوڪت جروار جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، عمرڪوٽ ۾ نوجوانن ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن ڌار ڌار احتجاجي مظاھرا ڪيا، ٺٽي ۾ هندو پنچائت ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران قومي شاهراهه تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، سجاول ۾ شهرين ۽ ساڃاهه وندن ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو، خيرپور ۾ هندو پنچائت، احساس وومين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن، جماعت اسلامي، انجمن تاجران، جسقم، وائيس آف خيرپور ۽ سول سوسائٽي طرفان ايس ايس پي آفيس اڳيان پراڻو قومي شاهراهه بند ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، گهوٽڪي ۾ هندو برادري پاران ڊاڪٽر درشن لال، صدام چند، وڪرم بجاج، ٽيڪم داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شڪارپور ۾ سول سوسائٽي، قومپرستن، شھرين ۽ قلم ڌڻين ھمير چانڊيو، اسلام الدين لھر، غلام علي، سعيد سومرو، عمران منگي، ڪامريڊ اسد سومرو، جاويد راھوجو، احسان جيھو، حسام الدين ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شھدادڪوٽ ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران مراد پندراڻي، حبدار ميرجت، وھاب پندراڻي، آزاد تخت راءِ، عرفان سيلرو ۽ راجا الطاف ڀٽي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڊکڻ ۾ شهرين، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران اسلم لاشاري، ربنواز منگي، سلمان سومرو، مولوي ثناءُ الله چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، نصيرآباد ۾ ھندو نوجوان اتحاد پاران وڪي ڪمار نانگديو، ھريش ڪمار آھوجا، پرديپ ڪمار، گلاب راءِ، وڪيش ڪمار، درشن لال پنجاڻي، اشفاق مسڻ، منصور سومرو، ضمير مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، بخشاپور ۾ چوٿين ڏينهن به شٽربند هڙتال ڪري گرونانڪ مندر مان لال داس سوني، روهيت ڇاٻڙا، استاد مولچند، ششپال داس، سيد دانش شاهه، مظهر چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ٺل ۾ شهرين، ساڃاهه وندن ۽ هندو برادري جي ماڻهن محبوب سومرو، جمال ٻرڙو، جاويد بروهي، مکي بخشو مل، رميش لعل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو هنيو، دوڙ ۾ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن احتجاج ڪيو، ڪنڊيارو ۾ قومپرست ڪارڪنن ۽ شهرين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، پنهل ساريو جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، پنوعاقل ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ قومي شاھراهه تي ڌرڻو  هنيو ويو، گمبٽ ۾ قومي شاهراهه تي وڪيلن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ڌرڻو هنيو ويو، پڊعيدن ۾ معصوم نياڻي پريا ڪُماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ نصرت ڪيئنال پُل کان ريلوي ڦاٽڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، رتوديرو ۾ سماجي ڪارڪنن اڪبر جلباڻي، ڪمانڊو جلباڻي، مدثر ڀٽو، نادر جوڻيجو، انور اوڍو، طارق عزيز گهانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته جيستائين سڀئي مغوي بازياب نه ٿيندا، تيستائين هڙتال ۽ ڌرڻا جاري رهندا، هنن چيو ته پوليس جو چوڻ هو ته مغوي بازياب ٿيا آهن، پوليس اسان جي هڙتال ۽ احتجاج کي ناڪام ڪرڻ لاءِ هربا استعمال ڪري رهي آهي، هنن چيو ته اسان سنڌ جي شعور کي اپيل ٿا ڪريون ته پوليس جي ٺلهن آسرن تي لڳي پنهنجو احتجاج ڪڏهن به ختم نه ڪن، هنن چيو ته هاڻ اسين لالي پاپ تي خوش نه ٿينداسين، سنڌ واسين ۾ شعور بيدار ٿي چڪو آهي، هاڻ يا ته مغوي ڏنا وڃن يا ته هي دمادم وارو سلسلو هلندڙ هوندو، هنن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۽ ووٽ وٺڻ جي چڪر ۾ سڄي سنڌ کي سردارن، ڀوتارن ۽ جاگيردارن توڙي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو، جنهن ڪري اڄ پوري سنڌ ۾ بدامني جي باهه ٻريل آهي، هنن چيو ته مکي جڳديش ڪمار، پريا ڪماري، جئديپ ڪمار، ساگر ڪمار، نازيا ڪوثر سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرائي ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو ڪرڻ لاءِ گرينڊ آپريشن ڪيو وڃي،

ڪشمور/ڪراچي(رپورٽ: محمد شريف ڄامڙو+ فقير سليم) بڊاڻي مان 2 مھينا 20 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل مکي جگديش ڪمار ۽ نينگر جئديپ ڪمار بازياب ٿي ويا. اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي دعويٰ ڪئي آهي ته منير نائچ به بازياب ٿيو آهي جڏهن ته ساگر ڪمار سڀاڻي بازياب ٿيندو، احتجاج ڪندڙن سمورن مغوين جي بازيابي تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مليل اطلاعن موجب ڪشمور ضلعي جي شهر بڊاڻي مان 2 مهينا 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل مکي جگديش ۽ نينگر جئديپ ڪمار بازياب ٿي ويا آهن. ايس ايس پي امجد شيخ سندن بازيابي جي دعويٰ ڪئي. اهي به چوٻول آهن ته مکي جگديش ڪمار جي بازيابي لاءِ وارثن 60 لک رپيا ڀنگ ڀريو آهي. جگديش ڪمار ۾ نينگر جئديپ ڪمار کي ڪشمور جي پنچائتي حال پھچايو پيو وڃي، ھندو برادري ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي. ٻئي طرف اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مکي جگديش، جئي ديو ۽ منير نائچ بازياب ٿي ويا آھن جڏهن ته ساگر ڪمار سڀاڻي تائين واپس موٽي ايندو. ٻئي طرف  ڪشمور ۾ احتجاج ڪندڙن سمورن مغوين جي بازيابي تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.