اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪي معيشت کي سگهارو ڪرڻ ۽ پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪ ۾ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته زراعت معيشت جو بنياد آهي، هارين جي سپورٽ ڪري ملڪي معيشت کي ترقي ڏياري سگهجي ٿي، پيپلزپارٽي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه دوران صدر ڀارت جي هندوتوا نظرئي کي خطي لاءِ خطرو قرار ڏنو، آصف زرداري چيو ته ڀارت ۾ اقليتون، خاص طور تي مسلمان ۽ عيسائي تعصب ۽ ظلم جو شڪار ٿي رهيا آهن.