معيشت کي نقصان پهچائڻ  واري سرگرمين خلاف حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

0
156
ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس
معيشت کي نقصان پهچائڻ  واري سرگرمين خلاف حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

رياست دهشتگردن ۽ انهن جي  سهولتڪارن کي پوري طاقت سان منهن ڏيندي، پاڪ فوج پاران ملڪي سالميت کي پيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ خودمختياري  جو دفاع ڪرڻ واري عزم جو ڀرپور  اظهار

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس،  آءِ ايس پي آر موجب رياست پاڪستان ۽  هٿياربند فوج شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي

ڪانفرنس ۾ آرمي چيف پاران آپريشنز دوران پيشوراڻي مهارت جو معيار برقرار رکڻ سميت فارمشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ تي زور

ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي نگراني هيٺ معاشي سرگرمين جي مڪمل حمايت، آءِ ايس پي آر موجب معيشت کي نقصان پهچائڻ  واري سرگرمين خلاف حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو