معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ آيل “مسيحا” ڪهڙي بهتري آڻيندو؟

0
89
نئين آرمي چيف جي مقرري ۾ ڪو ”مسئلو“ آهي؟

  پاڪستان جا پنجهتر سال صرف ان خوشفهمي ۾ گذري ويا ته ڪو نه ڪو مسيحا ايندو جيڪو اچڻ شرط پاڪستان جا سڀ مسئلا هڪڙي ڌڪ ۾حل ڪري ڇڏيندو. انهن پنجهتر سالن ۾ سڀ کان پهرين وزيراعظم لياقت علي مان وڏي اميد هئي ته هُو پاڪستان جي معيشت ۽ سفارتڪاري جا اهڙا بنياد رکي ويندو جنهن جا يقيني طرح ايندڙ سالن ۽ ڏهاڪن ۾ پاڪستان کي فائدا ٿيندا ۽ ملڪ ترقي ۽ ڪاميابي جا وڏا ڏاڪا طئه ڪندو. پر هن صاحب پاڪستان کي مخصوص طبقي جي مفادن وٽان هڪ طرفو آمريڪي ڪئمپ ۾ شامل ڪري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا. ان پراجيڪٽ کي گورنر جنرل خواجه ناظم الدين ۽ ذهني ۽ جسماني طور اپهاج ٿيل گورنر جنرل غلام محمد، جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو صاحب، جنرل ضياءُالحق، بينظير صاحبه، نواز شريف، جنرل مشرف ۽ وري مئي 2011ع يعني اُسامه بن لادن جي موت تائين آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي زور شور سان کنيو ۽ اکيون پوري ان پراجيڪٽ تي عمل ڪندا رهيا، پر هتي ياد رکڻ گهرجي ته ان پراجيڪٽ جي پويان پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽبلشمينٽ هئي، جنهن ان جا خدوخال پئي واضح ڪيا ۽ ان پئي مختلف حڪومتن کي هلايو. پر ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته انهن سول حڪومتن اهو سڀ ڪجهه ڪنهن مجبوري مان نه پري وڏي فخر ۽ خوشي سان ڪيو پئي. وچ ۾ جنرل ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دور ۾ ٿورا اختلاف ٿيا، جنهن ۾ ايوب خان جا آمريڪا سان نومبر 1962ع کان ويندي استعيفيٰ تائين اختلاف رهيا، جنهن ايوب خان کي مجبور ڪيو جو هن روس ۽ چين سان تعلقات وڌايا ۽ انهن سان تمام گهڻو ويجهو ٿيو. پر اهي ڇهه سال سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جو هڪ چڱو حلقو، خود ايوب خان جي ڪيبينٽ ۾ شامل وزير، ۽ ٻيا وڏا آفيسر آمريڪا جي ايجنڊا ۽ ان جي سامراجي مفان وٽان ايوب خان خلاف سازشون ڪندا رهيا. ڀٽو صاحب به آمريڪي ڪئمپ ۾ شامل رهيو پر آگسٽ 1976ع ۾ هن جا آمريڪا سان اختلاف ٿي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ هُو نون مهينن ۾ نه صرف گهر ڀيڙو ٿيو، پر ٻن سالن جي اندر هن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو. جنرل ضياءُ به آخر ۾ ان جو نشانو بڻيو ۽ مٿان ئي مٿان درالبقا پهچي ويو.

مٿي ذڪر هيٺ آيل سڀني حڪمرانن کي هڪ مسيحا طور پيش ڪيو ويو، پر اهي سڀ بري طرح ناڪام ٿيا.  2011ع ۾ ٿوري ساهي کانپوءِ پاڪستان کي هڪ دفعو وري ڪنهن مسيحا جي ضرورت بڻايو ويو، جنهن جي پهرين شروعات 2012ع ۾ طاهر القادري ۽ عمران خان جي ڌرڻن جي صورت ۾ ظاهر ٿي. طاهر القادري صاحب کي ڪئناڊا مان آندو ويو ۽ جنهن اچڻ شرط “سياست نه پر رياست بچايو” جو نعرو هنيو. پر اهو پراجيڪٽ مڪمل طور فلاپ ٿي ويو. وري 2014ع ۾ نواز شريف جي خلاف طاهر القادري ۽ عمران خان کي لاٿو ويو. طاهر القادري نه صرف ڪفن به سبرايو ۽ قبر به کوٽرائي، پر ڪم نه ٿيو. تنهن ڪري هن مايوسي مان قبر ۽ ڪفن کي لتون هڻي پاڻ وڃي ڪئناڊا نڪتو ۽ اڃا اتان نه موٽيو آهي. عمران خان ان سڄي پراجيڪٽ ۾ ڪامياب رهيو، جنهن کي انعام طور آگسٽ 2018ع ۾ اقتدار ڏنو ويو. پر اهو مسيحا جنهن کي ملڪ ۾ وڌ کان وڌ ڊالرز آڻڻ جي لاءِ آندو ويو هو، ان اهو ڪم ته نه ڪيو، ويتر سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ اجايون رنڊڪون ۽ رڪاوٽون پيدا ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ کانپوءِ مسلم ليگ نواز، پيپلز پارٽي، جمعيت علمه اسلام ۽ ٻين اتحادين کي اقتدار ڏنو ويو. جن اچڻ شرط پاڪستان ۽ پاڪستانين جي مفادن وٽان سخت فيصلا ڪيا. انهن سخت فيصلن جي پويان جيڪو فلسفو بيان ڪيو ويو اهو هي هو ته ان سان هڪ ته ڊالر جي اڏام کي روڪيو ويندو ۽ پاڪستان رپئي جي ڪرندڙ قيمت کي استحڪام ملندو. ان وقت هڪ ڊالر 190 رپيا هو. هاڻي سخت فيصلن جي نتيجي ۾ اهو ڊالر پنجن مهينن ۾ وڌيڪ پنجاهه رپيا پاڪستاني ڳڙڪائي هن وقت 240 رپين جو ٿي ويو آهي. اميد آهي ته هاڻي هي اتحادي حڪومت ڪو اهڙو سخت فيصلو نه ڪندي جنهن سان رپيو وڌيڪ رلڻ کان بچي ويندو. هاڻي جڏهن آءِ ايم ايف ۽ ٻين مالي ادارن ۽ دوست ملڪن کان به پيسا ملي چڪا آهن. ملڪ ۾ هٿرادو ٻوڏ ۽ ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهن جي متاثر ٿيڻ کانپوءِ ڪروڙين ڊالرز به اچي ويا آهن ۽ ٻيا اچڻ وارا آهن. آءِ ايم ايف جي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرز جي قسط به ملي وئي آهي. پر سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود به مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي ۽ اها اچي چاليهه سيڪڙو تي پهتي آهي. بيروزگاري اڳي کان به وڌي وئي آهي، خيرن سان عمران خان جي حڪومت 40 کان 50 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو هو ته وري هن ٻوڏ جي نتيجي ۾ 30 کان 40 لک وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن. ڪرپشن ۾ ملڪ روز ترقي پيو ڪري. عالمي منڊي ۾ پئٽرول ۽ تيل جون قيمتون گهٽ ٿيڻ باوجود به هتي انهن جي قيمتن ۾ واڌارو ڪيو پيو وڃي. ان سڄي صورتحال ۾ اسان کي پنهنجي اتحادي حڪومت ٻڌايو ته ٻيلي اسان کي اڃا به هڪڙي ٻئي مسيحا جي ضرورت آهي، اهو آهي اسحاق ڊار جيڪو معيشت جو ماهر آهي، تنهن ڪري جيستائين اهو نٿو اچي  تيستائين ملڪ جي معيشت نه سڌرندي.

هاڻي اهو اسحاق ڊار جنهن لاءِ گذريل پنجن سالن کان پاڪستان جا سڀ دروازا بند هئا. ڪورٽون روز هن کي گرفتار ڪري پيش ٿيڻ جون نوٽيس جاري ڪري رهيون هيون. هن جي گهرن، پلاٽن ۽ فيڪٽرين کي نيلام ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا پئي. برطانيه سان ڳالهيون ڪيون پئي ته ويون ته توهان جي ملڪ ۾ اسان جي ملڪ جو سڀ کان وڏو دشمن اسحاق ڊار ويٺو آهي، ان کي ترت اسان جي حوالي ڪريو. پاڪستان جو سڀ کان وڏو دشمن، هندستان جو ايجنٽ اسحاق ڊار جنهن تي ملڪي ميڊيا جا سڀ دروازا بند هئا. رڪارڊ ٿيل انٽرويو نشر نه ٿيڻ ڏنا ويا. پر اوچتو خبر پئي ته هن کي نه صرف پاڪستاني پاسپورٽ ملي ويو آهي، پر جلد پاڪستان اچي پيو. خيرن سان ٽي ڏينهن اڳ پاڪستان پهتو ۽ گذريل ڏينهن هن ناڻي جي وفاقي وزير طور حلف به کڻي ورتو آهي. هتي سڀ کان اهم ۽ بنيادي سوال آهي ته هي جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڏو دشمن هو اهو رات پيٽ ۾ ڪهڙي طرح ايترو محب وطن پاڪستاني بڻجي ويو آهي، جيڪو نه صرف پاڪستان واپس اچي ويو پر هن کي سڀ کان وڌيڪ اهم ذميواري يعني ملڪي ناڻي جون واڳون ڏنيون ويون آهن. ڪجهه وقت اڳ جنهن جا گهر ۽ ملڪيتون نيلام ڪيون پئي ويون، ان کي ملڪ جي ملڪيت سنڀالڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. عدالتون به ساڳيون آهن، اهي جج صاحبان به مسندون سنڀاليو ويٺا آهن، جن هن جي ترت گرفتاري ۽ ملڪيت کي نيلام ڪرڻ جا حڪم جاري پئي ڪيا. پر اسحاق ڊار اهڙو ڪهڙو جادو ڪيو جو هو رات پيٽ ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو دشمن ملڪ جو سڀ کان وڏو خيرخواهه ۽ مسيحا بڻجي ويو؟ ڇا اسحاق ڊار تي جيڪي سخت کان سخت الزام لڳا ويا، اهي سڀ ڪردارڪشي لاءِ هث ٺوڪيا هئا؟ اهي سڀ بي بنياد هئا؟ اهي سڀ هن کي بليڪ ميل ڪري ڪي فائدا وٺڻ جي لاءِ هئا؟ جيڪڏهن اهي سڀ سچا هئا ۽ آهن، ته پوءِ هن کي گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو وڃي ها؟ ۽ هو هن وقت جيل ۾ هجڻ گهرجي ها. پر اسان کي خبر آهي ته هتي جيڪو رياستي ادارن ۽ طاقتور فردن ۽ ادارن جي فرمانبرداري نه ٿو ڪري اهو هڪڙي وقت ۾ ملڪ، قوم ۽ عوام جو ازلي ابدي دشمن ڪري ٻڌايو ويندو رهيو آهي، پر ساڳئي وقت انهن سان ٺهي هلي، انهن جي مفادن وٽان ڪم ڪري ته اهو رات پيٽ ۾ ملڪ جي ازلي ابدي دشمن مان ڦري ملڪ جو سڀ کان  وڏي خيرخواهه ۽ مسيحا بڻجي ويندو آهي.

هاڻي هن وقت اسحاق ڊار کي ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ ۽ سنڀالڻ لاءِ هڪ مسيحا طور پيش ڪيو ٿو وڃي. يعني هڪڙي پاسي سڄي حڪومت، سڀئي ادارا، وفاقي وزير، بالا آفيسر ۽ ٻيا معيشت جا ماهر آهن ته ٻئي پاسي بس هڪڙو اسحاق ڊار آهي، جيڪو رات پيٽ ۾ ملڪ جي معيشت کي زمين کان کڻي آسمان تائين ترقي ڏيارڻ لاءِ پهچي ويو آهي. جنهن ملڪ ۾ 40 سيڪڙو مهانگائي هجي، 25 کان 30 سيڪڙو بيروزگاري هجي، جي ڊي پي جو 84 سيڪڙو قرض ۾ هجي، ڪرپشن ۾ 140 هين نمبر تي هجي، هڪ ڊالر رڪارڊ 240 رپين جو هجي، ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف جي سخت کان سخت شرطن تي عمل ڪرڻو هجي ۽ اهي به اهڙا شرط جنهن لاءِ آءِ ايم ايف خود چيو آهي ته عوام جو وڏو حلقو سخت متاثر ٿيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي خلاف وڏا مظاهرا ۽ ريليون به نڪرن. هٿرادو ٻوڏ ۾ پوري ملڪ جو 30 کان 40 ارب ڊالرز جو نقصان ٿي چڪو هجي، روز فيڪٽريون ۽ ٻيون اندسٽريز بند ٿي رهيون هجن، 6 کان 7 هزار ميگاواٽ بجلي جي کوٽ هجي. سيف ڊپوزٽ ۾ چين ۽ سعودي عرب جا اربين ڊالرز پيا هجن، جن کي هُو ڪنهن به وقت واپس وٺي سگهن ٿا. ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بنئڪ ۽ ٻين ملڪن جو قرض واپس به ڪرڻو هجي، فارن رزور ۾ 8 کان 10 ارب ڊالرز يعني ڏيڍ مهيني جا پيسا مس پيا هجن. اهڙي وقت ۾ اسحاق ڊار ڪهڙو ڪرشمو ڪندو، جو ملڪ مان بيروزگاري، ڪرپشن، مهانگائي کي گهٽائڻ سان گڏ آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل به ڪري ڏيکاري. اسحاق ڊار ان ڏس ۾ ڪو ڪرشمو ڪري ڏيکاري تھ ٻي ڳالهه آهي، باقي پاڪستان جو جيڪو رياستي بحران آهي، اهو نه ڪنهن سول حڪومت ۽ نه ئي ڪنهن هڪڙي معاشي ماهر جي پاليسين جي نتيجي ۾ حل ٿي سگهي ٿو. باقي ڪجهه وقت ڪڍڻ جي لاءِ جيڪي معمولي قسم جون ڪوششون ٿي سگهن ٿيون، انهن معمولي ڪوششن جي لاءِ اسحاق ڊار کي آندو ويو آهي، نه ڪي ملڪ جا مستقل معاشي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ.

[email protected]