نارووال (م ڊ) نواز ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته قرضن جي ادائيگي لاءِ 700 ارب روپين جي ضرورت آهي. (ن) ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ اوڌر تي هلي رهيو آهي، پاڪستان جي معيشت کوکلي ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ باني چئن سالن دوران ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو. هاڻ معيشت کي نئين سري سان بيهارڻو پوندو. قرضن جي ادائيگي لاءِ 700 ارب روپين جي ضرورت آهي. اسان قرض وٺڻ جي لاءِ مجبور آهيون. سمورو ملڪ اوڌر تي هلي رهيو آهي. اها دانشمندي نه آهي ته قرض ورتا وڃن پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ اسان کي 2 سال لڳي ويندا. نارووال ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي جي معيشت جيڪا ورثي ۾ ملي آهي اها کوکلي ٿي چڪي آهي، جڏهن ملڪ جي آمدني ۾ اضافو نه ٿيندو ته قرض کڻڻ مجبوري آهي. اها دانشمندي نٿا چئي سگهون ته اسان قرض مٿان قرض کڻندا وڃون. ايندڙ ٻن سالن دوران پيداواري صلاحيت ۽ آمدني ۾ اضافي جي ڪوشش ڪنداسين.