معيشت جام ڪرڻ جون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون، ناڻي رسد ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي: وزيراعظم

0
22
معيشت جام ڪرڻ جون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون، ناڻي رسد ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي: وزيراعظم
معيشت جام ڪرڻ جون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون، ناڻي رسد ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جو نعرو هڻندڙن جون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون، ناڻي جي رسد ۾ رڪارڊ واڌارو پاڪستانينپاران ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جي سَنَدَ آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پُرعزم آهي، وزيراعظم رڪارڊ ناڻو اُماڻڻ تي سمنڊ پار پاڪستانين جا ٿورا مڃيا، قوم کي واڌايون ڏيندي شهباز شريف چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ 3 ڏهائي هڪ ارب ڊالرز پرڏيهي ناڻو آيو، نومبر 2024ع کان 5 ڏهائي 6 سيڪڙو ۽ ڊسمبر 2023ع جي ڀيٽ ۾ 29 ڏهائي 3 سيڪڙو وڌيڪ آهن.