پاڪستان ۾ ٻارن کي لاحق سنگين بيمارين ۾ پوليو جو مرض هڪ وڏو خطرو بڻيل آهي. ٻارن جي بهتر صحت، محفوظ مستقبل ۽ جسماني معذوري کان بچائڻ جي لاءِ والدين جو سرگرم ڪردار اڄ اڳي کان وڌيڪ اهم ٿيو يو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا صحت جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي به پنهنجين ذميوارين جو احساس ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجن ٻارن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ حفاظتي ٽيڪن ۽ پوليو ويڪسينيشن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
هن سال 2025 جي شروعات کان وٺي، پاڪستان ۾ پوليو جا ڇهه ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان چار سنڌ، هڪ پنجاب ۽ هڪ خيبر پختونخوا مان رپورٽ ٿيو آهي. اهي انگ اکر اسان کي قائل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته وائرس اڃا تائين موجود آهي ۽ اسان جي ٿوري به لاپرواهي ٻارن لاءِ عمر بھر جي معذوري جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
تازو، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه جي ٻن والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو ۾ مبتلا ٿيڻ جا تجربا شيئر ڪيا. انهن جون ڪهاڻيون ان تلخ حقيقت کي ظاهر ڪن ٿيون ته پوليو ويڪسين کان محروم رهڻ يا ٿوري دير به ٻارن کي سڄي عمر جي معذوري جو شڪار بڻائي سگهي ٿي.
چمن ضلعي جي پوليو متاثر زبير جي پيءُ نور شاهه چيو ته جڏهن به پوليو ٽيم اسان جي گهر ايندي هئي، اسان ٻين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا هئاسين، پر اهي زبير کي ڪمزور سمجهي نه پياريندا هئا. اڄ هو سڄي عمر جي معذوري کي منهن ڏئي رهيو آهي. مان سڀني والدين کي گذارش ڪريان ٿو ته منهنجي تلخ تجربي مان سکن ۽ يقيني بڻائين ته هر پوليو مهم دوران ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا وڃن.
پاڪستان جي حڪومت، وزيراعظم آفيس، نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر، ۽ ان جا عالمي ڀائيوار پوليو جي خاتمي لاءِ هڪ واضح حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جو مقصد 2025 جي آخر تائين پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ملڪ بڻائڻ آهي. هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي تعاون ضروري آهي.
پوليو کي شڪست ڏيڻ اڃا تائين ممڪن آهي، پر ان لاءِ پوري قوم جي گڏيل ڪوشش جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن والدين پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هر گهر پنهنجا دروازا پوليو ٽيم لاءِ کولي ڇڏين، ۽ هر ٻار کي وقت تي ويڪسين ڏني وڃي، ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو جن پوليو کي مڪمل طور تي شڪست ڏني آهي.سيد فرحان شاهه جو ميسيج)