اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ٽي ڊي اي اي ۽ فافين پاران پاڪستان ۾ معلومات جي حق تائين رسائي  (آر ٽي اي) تي صورتحال متعلق پيپر جاري. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موثر جمهوريت جو انحصار فيصلا سازن کي قابل احتساب بڻائڻ وارن باخبر شهرين تي هوندو آهي. باخبر شهري ئي گورننس جي عمل جي بامقصد شموليت جو سبب بڻجي ٿو. باشعور شهري حڪومتي عمل ۾ بامعني عوام جي شموليت جو سبب بڻجن ٿا. آر ٽي آئي شهرين کي آگاهي ڏيڻ ۾ مثالي آهي، اهو رياست ۽ سماج جي وچ ۾ تعلق پيدا ڪري ٿو، آر ٽي آئي سان جمهوري ادارن ۾ اعتماد ۾ به اضافو ٿيندو آهي. سڄي دنيا ۾ اهڙي حق جو ارتقا جديد حڪمراني ۾ ان جي وڌندڙ اهميت جو عڪس آهي. اڄ اهو حق دنيا جي 120 کان وڌيڪ ملڪن ۾ موجود آهي. فافن ۽ ٽي ڊي اي. جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ان جي شروعات 2002 ۾ ايف او آئي آرڊيننس جاري ڪرڻ سان ٿي. 2010ع ۾ پاڪستان جي آئين ۾ معلومات تائين رسائي کي بنيادي حق قرار ڏنو ويو. خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب پهريون ڀيرو 2013ع ۾ آئيني ضرورتن جي بنياد تي قانون سازي ڪئي. پارليامينٽ ان کي 2017 ۾ وفاقي قانون طور نافذ ڪيو. سنڌ 2017 ۾ ۽ بلوچستان 2021 ۾ ان تي عمل ڪيو. معلومات تائين رسائي جو حق اڄ به ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي ٿو، انهن چئلينجن ۾ وسيع رعايتون، بيوروڪريسي پاران دير ۽ سياسي مداخلت شامل آهن، اهي چئلينج انهن ملڪن ۾ به موجود آهن جتي مؤثر قانوني فريم ورڪ موجود آهن. پاڪستان آر ٽي آئي قانون جي عمل ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شامل آهي ان جي باوجود پاڪستان ۾ ان قانون جو نفاذ ڪمزور حالت ۾ آهي. تازو فافن جو جائزو ورتو ويو آهي ته وفاقي ادارا هن قانون سان 42 سيڪڙو عمل ڪري رهيا آهن. پوزيشن پيپر ۾ وفاقي آر ٽي آءِ ايڪٽ ۾ ترميمن ۽ سڌارن جي تجويز پڻ شامل آهي. نگراني ۾ خامي، غير واضع ٽائيم لائين سبب معلومات جو فعال جاري ٿيڻ، محدود آهي، قانون جي سيڪشن 5 ۽ 6 ۾ بهتري آندي وڃي. قانون ۾ سرڪاري ادارن جي محدود تعريف جي ڪري آئيني ادارن جهڙوڪ سپريم ڪورٽ، آڊيٽر جنرل، گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي استثنيٰ ڏنو ويو آهي. انفارميشن ڪميشن جي ڪردار کي به وڌايو وڃي ۽ ان کي اپيليٽ فورم جو درجو ڏنو وڃي. ايڪٽ جي سيڪشن 5 ۽ 7 جي عدم موافقت ڪري معلومات جاري ڪرڻ محدود رهندو آهي. سيڪشن 7 ۾ ​​ڏنل وسيع بنيادن تي استثنيٰ غلط استعمال جو خدشو موجود آهي سيڪشن 7 وزارتن کي به صوابديدي اختيار ڏنا ويا آهن. انفارميشن ڪميشن تي حڪومت جو ڪنٽرول ڪميشن جي آزادي تي سواليه نشان آهي. فافن، ٽي ڊي اي اي، آر ٽي آئي جي قانوني فريم ورڪ کي بهتر ڪرڻ لاء 6 نقطي سڌارن جي تجويز ڏني آهي. سڌارن جي تجويزن ۾ انفارميشن ڪميشن بابت وڌيڪ قدمن جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي. تجويزن ۾ آر ٽي آءِ ايڪٽ بابت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي گڏيل قدم به شامل آهن.