لاڙڪاڻو/باقراڻي (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي ۽ سندس پٽ وليد خان عباسي سميت 8 ڄڻن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ وارو معاملو، ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۽ ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪه ناياب سرڪش سنڌي پاڪ ڪتاب کڻي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ ايڊووڪيٽ طارق انور سيال جي تعلقي باقراڻي جي فريد آباد واري رهائشگاهه پهتي، جتي هن روئيندي طارق انور سيال کي چيو ته مان سموري سنڌ جي آهيان، مون کي خبر ناهي ته توهان سردار پاڻ ۾ وڙهندا، مان پاڪ پاڪ کڻي آئي آهيان، مون کي جيتري تڪليف پهتي آهي اوتري ڪنهن ماءُ کي به پهتي آهي، بس هن پاڪ ڪتاب کي ڏسو، مان سڀني کي پيرين پئي هٿ ٿي ٻڌان ته مسئلي کي حل ڪيو. توهان خون به معاف ڪندا آهيو، مان توهان سان ڪيڏو ويجهو آهيان، اڄ مان پاڻ ميڙ ڪري آئي آهيان، مان پاڪ پاڪ توهان وٽ رکي وڃي ٿا، توهان ڪنهن نه ڪنهن نموني پاڻ ۾ ٺهي وڃو، مون کي خبر آهي ته سڌو سنئون هنن باسيو آهي ته اسان جي گاڏي ۾ ڇوڪرا هئا اها ڳالهه مان معظم علي عباسي پنهنجي پهرين ڪانفرنس ٻڌئي هئي. هتي جيڪي به ويٺا آهن اهي به پنهنجا مسئلا کڻي آيا آهن، توهان سياست کي هڪ پاسي ڪيو ۽ ٺاهه ڪيو، مان چوان ٿي مون کي جيئن سموري سنڌ پياري آهي جيترا مون کي پنهنجا ٻچا پيارا آهن پر هن پاڪ ڪتاب جي صدقي قصي کي ختم ڪيو. هي سڀ سنڌ ڌرتيءَ جا پٽ آهن. ان موقعي تي طارق انور سيال جو چوڻ هو ته پاڪ پاڪ ۽ نياڻي کان وڌيڪ ٻي ڪا ڳالهه ناهي، اسان هن معاملي ۾ سياست کي هڪ پاسي رکيو آهي، هاڻي توهان جيئن چئو ائين ڪرڻ لاءِ مان حاضر آهيان، مون وٽ ٻيا لفظ ناهن، توهان نياڻي ۽ هن پاڪ ڪتاب جي آڏو مان ڪنهن کان پڇا ڪرڻ به نه ٿو چاهيان، توهان جيئن چئو اوئين مان ڪيان، مون وٽ لفظ ناهن، توهان چئو ته مان ميڙ ڪري وڃان؟ توهان چئو، توهان انهن ڏانهن وڃو يا نه وڃو مان ڇا چوان. توهان پاڻ ٿا چئو ته هو هر ڳالهه مڃن ٿا ته پوءِ وچ وارا نه ٿا چاهن، پهرين ڏينهن هو پاڻ قبول ٿا ڪن، بس مان پاڪ ڪتاب آڏو ڇا ڳالهايان. وري ته امڙ توهان کي لک شابس آهي نه رڳو هن مسئلي پر مان هر مسئلي ۾ توهان کي ائين ئي ڏٺو آهي. اسان جي طرفان ختم، ختم ۽ ختم مان پنهنجي وڏن کان به پڇا نه ٿو ڪيان. مان توهان کي ۽ هن پاڪ ڪتاب کي ڏسان ٿو. ان موقعي تي خير جي دعا پڻ گهري وئي.
ڪيس ۾ نامزد نوجوان جي گرفتاري ظاهر، ريمانڊ منظور
لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو پوليس جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي ۽ سندس پٽ وليد عباسي سميت 8 ڄڻن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار عبدالاحد مگسي جي 7 ڏينهن بعد گرفتاري ظاهر ڪري کيس رمانڊ لاءِ دهشت گردي انت واري عدالت جي انچارج ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو سمڪان حسين مغل جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جتي عدالت جوابدار عبدالاحد مگسي کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ۽ سندس ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
فائرنگ واقعي جي خبر ناهي، ڦاسايو ويو، پوليس وٽ پيش ٿيس، 8 ڏينهن گم ڪيو ويو: : عبدالاحد مگسي
لاڙڪاڻو: جوابدار عبدالاحد مگسي جو چوڻ هو ته واقعي ۽ فائرنگ واري معاملي جي باري ۾ مون کي ڪا به خبر ناهي، جنهن معاملي سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي، گاڏي کي اشو ڪري مون کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسان جو سيال ڀائرن ڏانهن ڪو ڌيان نه هيو صرف سياسي مسئلو پيدا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پهرين تاريخ مان پاڻ پوليس وٽ پيش ٿيس ۽ 8 ڏينهن تائين مون کي گم ڪيو ويو.
عبدالاحد کي 7 ڏينهن بعد ظاهر ڪري بنا لائسنس پسٽل جو ڪيس داخل ڪيو ويو: وڪيل جاويد
لاڙڪاڻو: جوابدار جي وڪيل ايڊووڪيٽ جاويد بليدي جو چوڻ هو ته عبدالاحد مگسي کي لاڙڪاڻو پوليس پهرين جنوري تي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو، جنهن جي آزاديءَ لاءِ اسان عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن کان پوءِ عدالتي ڇاپن ۾ عبدالاحد بازياب ٿي نه سگهيو، اڄ 7 ڏينهن بعد لاڙڪاڻو پوليس سندس جي گرفتاري ظاهر ڪري ان مٿان بغير لائسنس وارو پسٽل هٿ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد کيس رمانڊ لاءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کيس 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.